متارا مري ويا

0
207
متارا مري ويا

 نيٺ مٺو مهيري به  بنا موڪلائي ان طرف هليو ويو جتان جڳن جا جڳ ٿيا آھن، ڪو موٽيو ئي ڪونهي،لطيف جي هن پارکو ۽ سگهڙ جا اهي سارا خواب جيڪي هن سرسبز سنڌ لاءِ ڏٺا هئا، اهي هن جي پوريل اکين۾  هميشھ لاءِ  اڌورا رهجي ويا،هو لاڙ جو ڀاڳوڀان هو، هو محفلن ۾ سنڌ جي هارين نارين ۽ سورمن جا گيت ڳائي ساهي پٽيندو هو، هو ڀٽائي جي بيتن جي تھه تائين وڃي اهي وٿاڻ ووڙيندو هو، جتان اهي بيت سرجيا هئا، هو ڪڏھن ڪڇ ڀڃ ته ڪڏھن الهاس ننگر وڃي نڪرندو هو ، هو سنڌ کان وڇڙيل پرڏيهي سنڌين جي ڀاڪرن ۾ شاهه جا بيت پڙھي روئي پوندو هو ته ڪڏھن وري وڏا ٽھڪ ڏيئي وڇڙيلن کي آٿت ڏيندو هو،سنڌ جو اهو مسافر اڄ موت جي گهري ننڊ سمهي پيو آھي، موت جي ننڊ ھر ڪنهن کي نهوڙي وڃي ٿي، ماڻھو ان ننڊ سمهڻ کان ڪيڏو نٽائين ٿا، ڀڄن ٿا ۽ اڃان جيئڻ چاهين ٿا، پر موت هر ساهه واري جي ايئن ڪڍ رهندو آھي، جيئن ڪولهي جي ڪاتر شڪار جي ڪڍ هوندي آھي، ماڻھو مري ڪهڙي نئين جهان ۾ وڃي ٿو ،ان جي ته ڪائي خبر ناهي، موت بابت دنيا جي مختلف مذھبن جا مختلف خيال آھن، مادي پرستن جو خيال آھي ته موت کان پوءِ اونداهي ۽ خاموشي آھي، ليڪن اھو خيال گهڻو پختو ۽ ويساهه وارو آھي ته موت کان پوءِ  به  هڪ لمبي زندگي آھي

هي تان ٿورڙيون تون ڀورا پسي ڀلئين

راتيون ٻيون گهڻيون، اينديون تو جي هيڪلي (شاهه)

موت بابت  دنيا ۾ ڪيئي ڏند ڪٿائون ۽ قياس آرايون موجود هيون.1917ع ۾ فرنز بائوس،ferns boas اتر آمريڪا جي  انڊين ۾ موجود موت بابت  ڏند ڪٿائن تي مضمون لکيو،1936ع ۾ هرمن hermnn  ۽1951ع۾ ابراهام سنس. Ibraham sns موت بابت ڏند ڪٿائن جي درجابندي ڪئي. هن لکيو ته دنيا ۾ موت بابت مختلف سوچون موجود آھن، مون ڪٿي پڙھيو هو ته موت وقت ايندڙ ۽ ويندڙ دنياهڪ ٻئي کي چمن ٿيون ۽ انهن جي ھڪ ٻئي کان موڪلاڻي به  ڏاڍي وڍ وجهندڙ ھجي ٿي.  منهنجي خيال ۾مٺو جهڙن ماڻھن کي ڇڏيندڙ دنيا ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندي آھي۽ وٺندڙ دنيا وٺڻ لاءِ بضد هوندي آھي، هاڻي جڏھن مٺو هن دنيا ۾ نه رهيو آھي ته ساڻس گڏ گذاريل ڪجهھ گهڙين جون يادون نهنڊون پائي رهيون آھن.  مون کي اها رات ياد ٿي اچي، جنهن رات جنوري جي مهيني ۾ ٿڌ ڪوهيڙي جيان وسي رهي هئي، آئون ۽ آڪاش ٽکڙائي مصطفيٰ اياز مهيري جي اوطاق تي ويٺل هئاسين، پاسي ۾ مٺو مهيري به ويٺل هو، جيڪو اسان کي کلائيندو ٿي رهيو،  ان کان هڪ ڏينهن اڳ مصطفيٰ اياز مون کي فون ڪري ٻڌايو ته تنهنجي ۽ آڪاش ٽکڙائي جي رات واري ماني مون وٽ آھي، مون آڪاش کي چيو ته سنگت جي دعوت ملي آھي ،ڇا پروگرام آھي ، چيائين ته شام مون وٽ اچ ته گڏجي هلون. مون ڪوٽ پاتو ۽ شال کنئي،سڌو آڪاش ٽکڙائي جي آفيس تي آيس پاڻ اڳ ئي تيار ٿيو بيٺا هئا،ان وقت سج لهي چڪو هو،مسجدن ، مئخانن ۽ مندرن ۾ ڏياٽيون ٿي ٻريون، چئوڏسائن تي اوندهه ڦهلجي چڪي هئي، اسان موبائيل ۾ ويٺاسين، ڪجھه هٿياربند پوليس وارا به گاڏي ۾ پويان ويٺا، اسان دعوت واري هنڌ ڏانهن روانا ٿياسين، اڌرستي ٻه جاڙيون مٺي پاڻي جون ناليون اچن ٿيون، جيڪي دور ڏکڻ ۾ وهي وڃي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿيون،اهي ڪراس ڪري اتر اوڀر ڪنڊ تي هڪ ڳوٺ ۾ پهتاسين ته مٺو ۽ مصطفيٰ اياز اڳي ئي اسان جي انتظار ۾ بيٺا هئا.  هو اسان سان ملي اسان کي وٺي  سندن اوطاق تي ويا پوءِ ته شعر شاعري،لطيفيات، سياست ، تاريخ ۽ ادب تي ڪچهري جا دور هلندا رهيا،تان جو ٽيڙو ۽ ڪتيون اوڀر ۾ ڊگهڻ وڻن جي چوٽين کي ڇڏي مٿي چڙھي آيون هيون. اڌ رات ٿي ته ٿڌ جا خمار به نکٽن جيان مٿي چڙھي چڪا هئا،ماني کائي ڪهڙي وقت موٽيا هئاسين اهو وقت هاڻي ياد ناهي رهيو،پر مٺي سان اڪثر گذاريل اهي سڀ ٿڌيون راتيون ياد آھن جيڪي شهيد فاضل راهو جي ورسين ۾ گذرنديون هيون، جيڪڏھن انهن يادن کي سهيڙجي ته ڪتاب ٺھي پوندو. مون مٺي ۾ اهي سڀ خوبيون ڏٺيون جيڪي هڪ سڄاڻ ۽ محنتي سياسي ورڪر ۾ ھونديون آھن، هوشھيد فاضل راهو کان ويندي، صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ ان جي خاندان سان گڏ آخر تائين بيٺل رهيو،  مٺو يونين ڪائونسل دبي جي سيٽ تي اليڪشن به لڙيو ۽ چيئرمين چونڊيو، هو شاهه لطيف جي شاعري کي نه فقط بهتر نموني پڙھي ڄاڻندو هو،ليڪن ان جي پس منظر ۽ پيش منظر کي سٺي نموني سمجهائي به سگهندو هو, هو لوڪ گائڪ به هيو ته وري سگهڙ به هو، هو بن سازن جي لوڪ شاعري ۽ قومي گيت ڳائي محفلن کي جهومائي ڇڏيندو هو.

ڪجهه سال اڳ مون کي سنڌ جي مزاحمتي شاعر اسماعيل اداسي چيو ته مٺو مهيري دل جي بيماري سبب اسپتال مان ٿي گهر پهتو آھي،هل ته کيس ملي اچون، اسان نڪتاسين دبي شاخ جون مٿيون پاسو ڏيئي ڌوڙ اڏائيندا ريگيوليٽر جي وڏن وڻن کان نڪري سندس اوطاق تي پهتاسين ته پاڻ کٽ تي ليٽل هو، اسان تي نظر پوڻ سان سندس اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ نظر آئي  ڏاڍو خوش ٿيو، سندس پاسي کان ڪوئي ڪتاب پيل هو، جنهن جو ٻاهريون جلد ڦاٽل هو ،جنهن کي هو پڙھي رهيو هو، هو جيتوڻيڪ ڪو گهڻو پڙھيل به  نه هو پر هو سماج جو نبض شناس هو . تاريخ  تي به وڏي ڄاڻ ھيس. مون کي چيائين ميان مير تون ڏاڍو روح پرور لکين ٿو،آئون توکي ڪجهھ ڪتاب ڏيڻ چاهيا ٿو ، جيڪي مون کي هندستان مان مليا هئا،مون کيس چيو ته ٻئي ڪنهن وقت تي توکان ڪتاب کڻندس اسان کائنس کلي موڪلايو، پوءِ ساڻس ڪا ڪچهري نه ٿي سگهي،پاڻ ڪجھه وقت اڳ روزاني “پنهنجي اخبار ”۾ ڪجھه سياسي مضمون به لکيا هئائين جن مان سندس سياسي بيزاري بکي رهي هئي،مون سوچيو ته هو شايد سياسي لڪ لتاڙي هاڻي ٿڪجي چڪو آھي،هو ڪڏھن ڪڏهن فون ڪري مون کي چوندو هو ته تون مون وٽ حيدرآباد واري گهر اچ ته ڪا ڪچهري ڪريون، وقت گذرندو رهيو، نه آئون مٺي جي حيدرآباد واري گهرويس، نه  ڪاڊگهي ڪچهري ٿي،مٺو دور هليو ويو،اڄ جڏھن آئون سندس ساروڻيون سارڻ ويٺو آھيان ته سندس ڳاتل نغما ۽ ٽھڪ ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا،آئون شاهه لطيف جو هي بيت چئي خاموش ٿي وڃان ٿو

متارا مري ويا، موکي تون بي مر

تنهنجو ڏوس ڏمر، ڪير سهندو ان ري