اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مختلف ملڪن جي سفيرن کي  ٻوڏ صورتحال بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ملڪ اندر ٻوڏ متاثرن جو تعداد وڌي 3 ڪروڙ 30 لک تي پهچي ويو آهي، ايڏي وڏي تعداد ۾ متاثرن کي کائڻ پيئڻ جي شين، دوائن ۽ خيمن جي فراهمي هڪ وڏو چيلينج آهي، متاثرن کي خيما، مڇردانيون، کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ دوائن جي فراهمي لاءِ دوست ملڪن سوڌو عالمي برادري کي ڪردار  ادا ڪرڻ جي درخواست ڪيون ٿا، ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن سان پاڪستان اندر ٻوڏ صورتحال بابت هنگامي ملاقات ڪئي، اجلاس ۾ آسٽريليا، چين، جاپان، ڪوويت، ڏکڻ ڪوريا، ترڪي، يو اي اي،آمريڪا، جرمني، بحرين، يورپي يونين، فرانس، عمان، قطر، برطانيا، سعودي عرب جي سفيرن شرڪت ڪئي، اين ڊي ايم اي پاران سفيرن کي بارشن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ حڪومت پاران ريسڪيو ۽ رليف جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪسان ۾ گذريل 30 سالن جي تاريخ جي رڪارڊ بارش ٿي آهي، 13 جون بعد هن وقت تائين ٻوڏ سبب 900 کان وڌيڪ شهري فوت ٿي چڪا آهن، 1300 شهري زخمي ۽ لڳ ڀڳ 8 لک ڍور مري چڪا آهن، گهرن، ملڪيتن ۽ انفرا اسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصان جو ابتدائي تخمينو اربين رپيا لڳايو ويو آهي، هن قدرتي آفت سڄي دنيا جي ملڪن کي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، متاثرن کي خيمن، مڇردانين، کائڻ پيئڻ جي شين، دوائن جي فراهمي لاءِ دوست ملڪن ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردر ادا ڪرڻ جي درخواست ڪيون ٿا.