مبين جماڻي ۽ تباهه حال مڪاني ادارا

0
250
مبين جماڻي ۽ تباهه حال مڪاني ادارا

 سنڌ جي نگران وزير بلديات مبين جماڻي سموريون سرڪاري سھولتون واپس ڪري ڇڏيون آھن. ھونئن ته اھي سھولتون ھجڻ جي ڪري بچت جو نه مبين جماڻي تي ڪو فرق پوندو ۽ نه ئي انھن جي واپسيءَ سان سان سرڪار نامدار جي خزاني کي ڪو اوج ملي پوندو پر اسان جي موجودہ سماجي صورتحال ۾ جتي ھوند وارن جي اڻھوند ۽ ڍاولن جي بک ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي، اتي اھو عمل ھڪ بھتر سماجي رويي کي ظاھر ڪري ٿو. گذريل برساتي ٻوڏن جي تباھ ڪارين کان اڳ منھنجي لاءِ مبين جماڻي جي شھرت پ پ جي حڪمران حلقي سان جڙيل ھڪ بااثر ڪاروباري شخصيت طور ھئي. انھن برساتي ٻوڏ دوران پاڪستان آئي بئنڪ سوسائٽي (پيبس)، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي سهڪار سان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ ڪري رھي ھئي. جيڪا دولت عرب امارات جي طرفان فنڊيڊ آرگنائيزيشن آھي. ان پاران ناگن چورنگي ناظم آباد لڳ فري آئي ۽ جنرل ھاسپيٽل قائم ڪيل آھي. ناميارو انسان دوست آئي سرجن پروفيسر ڊاڪٽر قاضي واصف ان اداري جو ڊائريڪٽر ۽ پي ايم جو مرڪزي عھديدار آھي ۽ تازو ايشيا ۽ اوشيانو جي علائقائي ميڊيڪل تنظيم CMAAO جو صدر منتخب ٿيو آھي.  ڏورانهن ٻوڏ ستايل علائقن ڏانھن ھن جو جذبو مثالي ھو. ميڊيڪل ڪيمپ، جيڪا ھڪ مڪمل ھاسپيٽل وانگر عرب امارات جي شيخ زيد پاران ڊونيٽ ٿيل ھئي، جنھن ۾ اسپيشلسٽ فارميسي، ايڪسري، الٽرا سائونڊ ۽ بلڊ ٽيسٽن جو پورو نظام موجود ھو، ان کي لاڀائتو بنائڻ جي ھن جي پلاننگ  متاثر ڪندڙ ھئي. آئون پيبس جي ٽيم سان لسٻيلا بلوچستان جي يونين ڪائونسل لاکڙا ۾ ٿيندڙ ميڊيڪل ڪيمپ سان شامل ٿيس. اسان جي ٻي منزل خيرپور ھئي، جتي مبين جماڻي ڪيمپ لاءِ لاجسٽڪ سپورٽ جو انتظام ڪيو ھو. ڪراچيءَ مان اسان ھڪ ڏينھن اڳ 11 وڳي نڪتاسين. مني بس جھڙو وڏو ڪوسٽر، جنھن ۾ ٽيھارو کن اسٽاف انھن ۾ گھڻائي اردو ڳالھائيندڙ ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ پيرا ميڊيڪل ورڪرز جي ھئي، ۽ ھڪ ويگو جيڪي جماڻي صاحب رستي سونھون ڪرڻ لاءِ موڪلي ھئي. سعيد آباد کان نوابشاھ ۽ مھراڻ هاءِ وي کان تباھ حال رستي جي پاسن کان درد جي تصوير بنيل ڌرتي ڌڻين زمينن ۽ مال ڀٽاري جي حالت زار ڏسندا، 11 ڪلاڪن جو سفر ڪري رات جو ھڪ وڳي جماڻي  صاحب جي شگر مل تي پهتاسون ته نائيٽ سوٽ ۾ ھو پاڻ اسان جي انتظار ۾ ويٺو ھو. ھو اکين مان ٿڪل ٿي لڳو. اسان جي ٽيم کي ڊاڪٽر ڪاشف ليڊ ڪري رھيو ھو، ھن جي پاران جماڻي صاحب کي آرام ڪرڻ جو اصرار ڪرڻ جي باوجود ھو ويٺو رھيو. ھو مھمانن کي ماني کارائي پنھنجي ڪمرن ۾ وڃڻ کان پوءِ پاڻ ويو. ٻئي ڏينھن صبح جو ڪيمپ شروع ٿيڻ کان اڳ آيو، ھن پاران اھو بندوبست ھدايت جماڻي ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ڪيو ويو ھو، بدين جي اھل دل سماجي سياسي شخصيت نذير حسين حيدري جو وڏو فرزند ظھير حيدري ان ٽرسٽ طرفان سڄي ڪيمپ کي ڪو آرڊينيٽ ڪري رھيو ھو. ھن ٻڌايو ته ھر مھيني 4-5 سئو خاندانن کي جماڻي ٽرسٽ  پاران سڄي مھيني جو راشن ڏنو وڃي ٿو ۽ اھو ڪم ھو  شگر مل جي ڊيوٽي کان علاوه سر انجام ڏئي ٿو.  صبح کان سنجھا تائين لڳاتار آسپاس ۽ ناري سميت پري کان آيل علائقن جي 4 کان 5 ھزار مريضن جون ٽيسٽون ۽ علاج ڪيو ويو. ھدايت جماڻي ٽرسٽ جو نالو خاندان جي ڪنھن وڏي ۽ بزرگ جي نسبت سان رکڻ بابت جماڻي صاحب ٻڌايو ته، اھو نالو ھن پنھجي ٻارن ۽ پوئين جي ھدايت لاءِ رکيو آھي ته، اھا خدمت جاري رکن. ان ڏينھن مون جماڻي صاحب جو ھڪ اھڙو چھرو ۽ ڪردار ڏٺو جنھن مان ڏکويل انسانيت لاءِ درد جي جھلڪ واضح ھئي. تازو جڏھن مبين جماڻي صاحب جي نگران حڪومت جو حصو بنجڻ جون خبرون ميڊيا ۾ ھليون ته حقيقت اھا آھي ته اھو ھن جي دل جي دکي انسان تي ھڪ وڏو بار ۽ ذميواري وانگر محسوس ٿيو.

مبين جماڻي صاحب ھن وقت نگران وزير بلديات آھن. ھنن جو سنڌ جي گذريل بي تاج حڪمراني سان ويجھو تعلق ۽ ان نسبت سان ئي سندن منصب وزارت کي جوڙيو وڃي پيو. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته
گذريل 15 سالن دوران وفاق ۾ ھڪ ۽ سنڌ اندر لڳاتار ٽي ڀيرا حڪومت ڪندڙ پ پ جي سياست ۽ حڪمراني جا ٻه لقاءَ واضح نظر اچن ٿا. ھڪ اھو ته جيڪي ملڪي ليول تي جمھوريت، آئين، سول بالادستي ۽ صوبائي اختيارن ۾ اضافي جھڙن مامرن ۾ خاص ڪري 18 هين آئيني ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي پ پ جو موقف ۽ عملي ڪردار بھتر رھيو آھي ۽ بنا ڪنھن وڌاءُ جي جمھوريت جي تسلسل ۾ جيڪو ھڪ حد تائين ڪمپرومائيزڊ به آھي پر غير جمھوري ڌرين جي وچ ۾ جمھوريت، آئيني ۽ سول حڪمرانيءَ لاءِ آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف جو اھم ڪردار آھي. ٻئي طرف جيتري قدر گورننس ۽ جمھوريت توڙي مالي وسيلن ۽ سماجي سھولتن جي عوام تائين رسائيءَ جو سوال آھي ته اھا شديد بدانتظامي عوام کان لاتعلقي ۽ لاوارثيءَ جو تڪليف ڏيندڙ منظر پيش ڪري ٿي.

بلدياتي کاتي  جي ڪاڪردگي تي گذريل حڪومتن دوران نظر ڪجي ٿي ته انھن جا فنڊ مال غنيمت سمجھي حصا پتيون ڪيا ويا آھن. گذريل بلدياتي حڪومتن  دوران اسان جي پنھنجي ٽائون جي فنڊن جو ھڪ حصو چونڊيل نمائندي جي نذر ڪيل ھو.  منھنجي معلومات ۾ آيل بدين ضلعي جي ھڪ يوسي/ٽائون جي فنڊن تي صفائي سٿرائي ۽ ترقيءَ لاءِ بلدياتي نمائندن کي ڪو به اختيار ڪونه ھو. اھا صورتحال لڳ ڀڳ سڄي سنڌ جي بلدياتي ادارن جي رھي. اھي ادارا عملي طرح چونڊيل نمائندن ۽ انھن جي دادلن جي لاءِ چراگاھ بنايا ويا آھن. ڄورن جو ھڪ ويڙھو آھي جنھن شھرن ۽ ڳوٺن کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آھي. نگران حڪومتن جو مدو جيتوڻيڪ محدود آھي ۽ ان کانپوءِ جو امڪاني منظر نامو گورننس جي حوالي سان بيان ڪيل صورتحال کان گھڻو مختلف شايد نه به ھجي، تڏھن به جيڪو مختصر وقت جماڻي صاحب سان ميڊيڪل ڪيمپ جي حوالي سان گذريو، ان کي ڏسي ڪجھ اميد ڪري سگھجي ٿي ته ھو صاحب پنھنجي مختصر عرصي جي عھدي ۾ بلدياتي ادارن جي وسيلن کي عوام لاءِ لاڀائتو ڪندو.