مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب اهلڪارجي طبيعت خراب، حيدرآباد منتقل

0
392

ڪوٽڙي(ن پ ا) ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ نا تجربيڪار ڊاڪٽر پوليس اهلڪار کي مبينا غلط انجيڪشن لڳائي ڇڏي، عدالتي پيشيءَ تي آيل اهلڪار جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال آندو ويو. انجيڪشن لڳندي ئي اهلڪار جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، شگر جي مريض اهلڪار کي انجيڪشن لڳڻ سان ئي سندس حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد اهلڪار کي ايمبولينس نه ملڻ تي رڪشي ۾ حيديآباد اسپتال روانو ڪيو ويو، اهلڪار الزام هنيو ته ناتجريبيڪار ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳڻ تي طبيعت خراب ٿي آهي.