اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله چيو آهي ته لاپتا ماڻهن لاءِ ٺاهيل ڪميشن جي موجودگي ئي آئين جي آرٽيڪل 16 جي ڀڃڪڙي آهي، ماڻهو کنڀڻ تي ڇو نه سڀني چيف ايگزڪيوٽوز تي آرٽيڪل 6 لڳائجي، سندن تصويرون هال آف شيم ۾ لڳايون وڃن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٿي. اٽارني جنرل خالد جاويد عدالت کي ٻڌايو ته مدثر نارو جي فيملي جي وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي وئي آهي، حڪومت ان معاملي کي گهڻو سنجده وٺي رهي آهي، عدالت کان استدعا آهي ته ڪجهه وقت ڏنو وڃي، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته عدالت جو ڪم ناهي ته ماڻهن کي ڳولي، نه ئي ڳولي سگهي ٿي، رياست جي خواهش ئي ناهي، جبري گمشدگين واري ڪميشن به آئين خلاف ٺهي آهي، صرف فيمليز ان ڪميشن ۾ وڃن ٿيون جن کي تاريخ ڏني ويندي آهي. چيف جسٽس چيو ته انساني حقن واري وزير چوي ته قانون ٺاهي رهيا آهيون، قانون جي ته ضرورت ئي ناهي، هزارين فيمليز آهن جن کي رياست سنڀالي ئي نه رهي آهي، رياست اندر رياست نٿي ٿي سگهي، اڄ تائين ڪنهن کي ٽريس ناهي ڪيو ويو هي ته سڌو آرٽيڪل 6 جو ڏوهه آهي. اٽارني جنرل خالد جاويد ٻڌايو ته ائين ناهي ته لاپتا ماڻهن جو معاملو موجوده حڪومت ۾ شروع ٿيو، هي معاملو موجوده حڪومت کي وراثت ۾ مليو، چيف جسٽس چيو ته شهرين کي لاپتا ڪرڻ تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس ٺهي ٿو . اٽارني جنرل چيو ته ماڻهن جو لاپتا ٿيڻ پاڪستان تي داغ آهي، اها بدقسمتي آهي، هن معاملي جو هڪ بيڪ گرائونڊ آهي ته هن ملڪ ۾ خودڪش ڌماڪا ٿيندا هئا ڪيترائي اهڙا ڪيسز آهن جن ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي سان سرحد پار ڪئي، ڪيترن ئي پاڪستانين جهاد جي نالي تي بارڊر پار ڪيو، افغانستان ويا، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي روڪيو وڃي، مدثر نارو تنقيد کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو ته لاپتا ڪيو وڃي، صحافي جو ڪم آهي ته هو تنقيد ڪري. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جبري گمشدگيون آئين جي خلاف آهن، دهشتگرد کي به عدالت کان مٿانهون ٿي ڪري ماري نٿا سگهو، ايئن ته نٿو ٿي سگهي ته ڪو به ڊپارٽمينٽ وارو ڪنهن کي به کنڀي وڃي، ماڻهو چار چار سالن کان جبري گمشدگين جي ڪميشن ۾ وڃي رهيا آهن، ڪميشن جو جيڪو ڪم هو اهو ان نه ڪيو، اٽارني جنرل چيو ته الميو اهو آهي ته اسان کي جاگرافيائي حالتن، قومي سلامتي جو معاملو به ڏسڻو آهي جنهن تي عدالت چيو ته سڀاڻي هڪ ايس ايچ او چوندو ته فلاڻي شخص ان خلاف ڳالهايو آهي ته ان کي کنڀي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته عدالت چئي سگهي ٿي ته شهري جنهن دور ۾ لاپتا ٿيا ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 6 جي ڏوهه ۾ جنهن کي سزا ملي اسان ان سزا تي ته عمل نه ڪري سگهياسين جنهن تي عدالت چيو ته مسئلو اهو آهي ته هن معاملي ۾ ڪنهن جو احتساب نه ٿي رهيو آهي هر ڪوئي پنهنجي ذميواري ٻئي تي مڙهي رهيو آهي.چيف جسٽس چيو ته هڪ هال آف شيم ٺاهي سمورن چيف ايگزيڪيوٽوز جون تصويرون اتي لڳائي ڇڏيو جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته صرف چيف ايگزيڪيوٽوز جون تصويرون ڇو؟ ٻين ذميوارن جون به لڳايون وڃن؟ ڪجهه بيمارين جو علاج عدالتي فيصلن سان نه پر عوام وٽ هوندو آهي، 10 لک ماڻهو روڊن تي نڪرن ته لاپتا ٿيڻ جو سلسلو رڪجي ويندو. چيف جسٽس چيو ته عدالتي فيصلن سان به علاج ٿيندو آهي جيڪڏهن ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هتي 1970ع کان عدالت کان مٿانهان قتل ٿي رهيا آهن، چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته عدالت ڇا ڪري؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته چيف ايگزيڪيوٽو ذميواري کڻي يا انهن کي ذميوار قرار ڏيون جيڪي سندس ماتحت آهن، عدالت چيو ته رياست پاڻ ڏوهه ۾ شامل هجي ته ان کان وڌيڪ تڪليف واري ٻي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. عدالت جي معاونت ڪئي وڃي ته لاپتا ماڻهن جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي؟ لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جي موجودگي ئي آرٽيڪل 16 جي ڀڃڪڙي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هي ٽيسٽ ڪيس آهي ته رياست جو ردعمل ڇا ٿيندو آهي، واضح ۽ نظر اچڻ گهرجي ته ماڻهن کي لاپتا ڪرڻ رياست جي پاليسي ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دليل ٻڌڻ بعد صحافي مدثر نارو گمشدگي ڪيس جي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.