نارووال (م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته پي ٽي آءِ باني کي 5 سال جيل اندر ئي رکو. پنهنجي بيان ۾ احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سياست ڏڦيڙ جي سياست آهي ۽ ملڪ عدم استحڪام ۽ بي يقيني جي سياست برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو عمران خان ۽ عدليه فيصلو ڪن ته ملڪ کي ڳالهين ۽ امن سان اڳتي وٺي وڃڻو آهي يا ڏڦيڙ پکيڙڻو آهي، حڪومت 5 سال پورا ڪندي، اسٽيبلشمينٽ به سمجهي وئي آهي.