گهوٽڪي / ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد حسين بخش ملڪ جي رهواسي ارشد ملڪ کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ويا هئا، ڳوٺاڻي جي موٽر سائيڪل ھٿ ڊرنگ چاچڙ وٽان ھٿ آئي. پوليس ارشد ملڪ کي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي گهوٽڪي پوليس موجب ته آندل سندراڻي ۽ ٻيلو ميرپور پوليس مغوي ارشد ملڪ کي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي.