مايا علي کي اڪشي ڪمار سان فلم جي آڇ ٿي هئي!

0
378

ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) پاڪستاني اداڪارا مايا علي کي هندستاني اداڪار اڪشي ڪمار سان گڏ فلم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي، اهڙو انڪشاف اداڪارا مايا علي 6 سال اڳ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو هو، جيڪو هاڻي وائرل ٿيوآهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ان انٽرويو جي وڊيو ۾ اداڪارا چيو آهي ته کيس بالي ووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار سان گڏ فلم جي آڇ ٿي هئي، جنهن کانپوءَ هوءَ آڊيشن ڏيڻ لاءِ ڀارت به وئي هئي. اداڪارا ٻڌايو ته ان جو آڊيشن تمام سٺو ٿيو ۽ سڀ ڪجھه سندس سوچ مطابق ٿيو پر ان وقت ڀارت ۾ ڪجھه مسئلا پيدا ٿيڻ جي ڪري اها هوءَ اها فلم نه ڪري سگھي. مايا علي انٽرويو دوران خواهش ظاهر ڪئي ته هوءَ مستقبل ۾ رنوير سنگهه سان گڏ فلم ڪرڻ چاهيندي.