ماهرا جو ڊرامي ۾ سئوٽ سان رومانس، مداح جو انوکو مشورو

0
222
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ماهرا خان جي تازو ئي نشر ٿيل ڊرامي ”هم ڪهان ڪي سچي ٿي“ ۾ هن کي هڪ ڀيرو وري ڪزن سان محبت ڪرڻ جي ڪردار ڏيڻ تي مداح ڊرامي جي ٽيم کي مشورو ڏئي ڇڏيو.ڄاڻايل ڊرامي جون جيتوڻيڪ گهڻو قسطون نشر ناهن ٿيون پر ڪهاڻي، ڪردارن ۽ منظرن سبب ڊرامي مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن.ان ڊرامي ذريعي ماهرا خان 6 سالن کان پوءِ ننڍي اسڪرين تي واپسي به ڪئي آهي ۽ هن ڊرامي ۾ مهرين منصور جو ڪردار ادا ڪيو آهي.ڊرامي ۾ اداڪارا کي پنهنجي ڪزن سان رومانس ڪندي ڏسي سگھجي ٿو جنهن تي هڪ مداح ڊرامي جي ٽيم کي فائديمند مشورو ڏيندي ان جو نالو ئي تبديل ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي.جاسر شهباز نالي شخص ماهرا خان جي ڊرامي جي جهلڪ جي تصوير تي ڪمينٽ ڪيو ۽ اداڪارا کي لاڳيتو چوٿين ڊرامي ۾ڪزن سان پيار ڪندي ڏٺو ويو آهي.مداح ڪمينٽ ڪيو ته ”هم ڪهان ڪي سچي ٿي“ ۾ اداڪارا کي پنهنجي ڪزن سان رومانس ڪندي ڏيکارڻ تي ڊرامي جونالو ٻيو هئڻ گھرجي ها.مداح موجب ڊرامي جو نالو ”هم ڦڦو ڪي بيٽي ٿي“ هجڻ گھرجي.مداح جي ڄاڻايل ڪمينٽ ۽ تجويز تي جيتوڻيڪ اداڪارا ۽ ٻين ناراضگي جو اظهار نه ڪيو پر ڪجهه ماڻهن ڄاڻايل مشورو ڏيندڙ کي ماهرا خان جي جان ڇڏڻ جي اپيل به ڪئي.