مانجھند: لڏو کڻي ويندڙ ٻوڏ متاثرن سان حادثو، ٻارڙن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي

0
223
مانجھند: لڏو کڻي ويندڙ ٻوڏ

مانجھند (رپورٽر) مانجھند ويجھو لڏو کڻي ويندڙ ٻوڏ متاثرن سان حادثو، ٻارڙن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 ڳوٺ زيمي وٽ انڊس ھاءِ وي تي ميرپورخاص کان سيوھڻ طرف لڏو کڻي ويندڙ ٻگھيو برادري جي ٻوڏ متاثرن جي ڊاٽسن  ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٻارن، عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا

روڊ حادثو ٿيندي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن واقعي واري جاءِ تي پھچي زخمين کي ڦاٿل ڊاٽسن مان پنهنجي مدد تحت ٻاھر ڪڍي ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو

 زخمين جي سڃاڻپ ٻارڙن ۾ 8 ورھين جو فيصل 7 سالن جو امجد 3 سالن جو امين، 7 مھينن جي زمر جڏهن تھ عورت شبانا ٻگھيو ۽ ڊرائيور ارباب ٻڳھيو طور ٿي آھي، ڊاٽسن ۾ 12 کان وڌي ٻوڏ متاثر مسافر سوار ھئا

ھي به پڙھندا

قمبر: ڊگري ڪاليج رليف ڪئمپ ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگھي 2 ٻارڙا فوت

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٻوڏ متاثرن جا مظاھرا، ڌرڻا