مانجهند اسپتال ۾ ٻن ايم ايس ۾ تڪرار، ڪروڙين روپيا هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف

0
236

مانجهند (ن پ ا) مانجهند اسپتال ۾ ٻن ايم ايس ۾ تڪرار، ڪروڙين روپين جي بجيٽ جي جاچ لاءِ ڊي ايڇ او دادو اسپتال پهتو، معاملي کي ميڊيا کان ڳجهو رکيو ويو،مانجهند تعلقي اسپتال ۾ 18 مهينن دوران خرچ ڏيکاريل، ڪروڙين روپين جي بجيٽ بابت ڪرپشن جون خبرون ميڊيا ۾َ اچڻ تي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ جي حڪم تي ڊي ايڇ او دادو جاويد ڏاوچ مانجهند اسپتال پهچي، انڪوائري ڪئي جنهن ۾ ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ ۽ اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر نذير سولنگي کي ڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو، 5 ڪلاڪن جي جانچ ۽ پڇا ڳاڇا بند ڪمري ۾ ڪئي وئي ميڊيا کي جانچ بابت ڪجه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو، جانچ لاء مقرر ڊي ايڇ او دادو جاويد ڏاوچ ٻڌايو ت 18 مهينن جي بجيٽ جي جاچ ڪري، رپورٽ ڊي جي حوالي ڪندس جتان جلد ميڊيا کي به رپورٽ ڏني ويندي، ذريعن موجب گذريل 6 مهينن ۾ ٻنهي ايم ايسز جي دور ۾ 94 لک روپيا بجيٽ ڪڍرائي وئي،جنهن ۾ مريضن کي ماني کارائڻ ايمبولنس جي تيل اخباري بلن جي مد ۾ فرضي بل ٺاهي وڏي پئماني تي مبينا ڪرپشن ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻئي ايم ايس هڪ ٻئي کي ذميوار ڪري رهيا آھن جنهن جون خبرون ميڊيا تي اچڻ تي انڪوائري رکي وئي هوڏانهن وڏي پئماني تي ڪرپشن جي انڪوائري جو ٻڌي شھر جا سوين ماڻھون پهچيبنيادي سهولتن جي فقدان جون دانهون ڪيون پر انڪوائري آفيسر کين ٻڌايو ت هو صرف بجيٽ خرچ جي جانچ ڪري رهيو آھي.