ماضيءَ جون زيادتيون وساري مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ آيو آهيان: نواز شريف

0
42

لاهور: نواز ليگ جي قائد نواز شريف چيو آهي ته ماضيءَ جون زيادتيون وساري مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ آيو آهيان، اڄ شڪايتون ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهيان، مستقبل جي ڳالهه ڪرڻ آيو آهيان، اسان جو ڌيان انتقام نه پر ترقي تي لڳل آهي

پارٽي منشور جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ميثاق جمهوريت تي اسان سڀني صحيحون ڪيون، ميثاق جمهوريت جون تمام گهڻيون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون

هن چيو ته آصف زرداري اسان جو اتحادي رهيو اڄ به هن جو احترام ڪيون ٿا، 2013 جي چونڊن بعد مولانا فضل الرحمان چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهيو، مون مولانا کي جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ کي اڪثريت حاصل ٿي آهي اها حڪومت ٺاهي

نواز شريف چيو ته منشور ۾ به چيو آهي ته چونڊيل حڪومت خلاف ڌرڻو نه هنيو ويندو، شهباز شريف چيو ته تعليم ۽ صحت جي چيمپئن بڻجندڙن پنهنجي صوبي ۾ 15 سالن دوران ڇا ڪيو؟

منشور سڀ پيش ڪندا آهن پر عمل ڪنهن به نه ڪيو آهي، نواز ليگ منشور تي عمل ڪري ڏيکاريندي