مارڪيٽ کان وانجهيل ۽ رعايتي سيل

0
156

 انساني ضرورت جو سامان ڪچي مال جي صورت ۾ زمين تي موجود آهي انهي ڪچي مال کي ضرورت وارين شين جي شڪل ڏيڻ وارو ڪم انسان پاڻ ڪري ٿو ڇو ته انسان کي عقل ، سمجهه ۽ سوچ جي نعمت سان نوازيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي ته قدرت طرفان کيس وروهيل رکڻ لاءِ ڪچي مال کي ضرورت جي پورائي واري شڪل ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي. ڪچي مال کي سامان جي شڪل ڏيندڙ ماڻهو هنرمند سڏائين ٿا ۽ ان ٺهيل سامان کي پيداوار يا اپت چيو ويندو آهي. وڏي عرصي تائين هي سامان هٿراڌو نموني سان تيار ٿيندو رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ ثقافتون به هٿراڌو هنر واري دور تائين ڄايون ۽ نپنيون آهن ڇو ته هر قوم  پنهنجي انداز سان هٿيار، ڪپڙا، جتيون ، ٺڪر ، لوهه ٽامي جو سامان ۽ سواري لاءِ گاڏيون ٺاهيون جن مان ڪجهه اڳتي هلي سندن سڃاڻپ ٿيون ۽ ثقافت جو حصو بڻيو ، جيئن اجرڪ ، سنڌي ٽوپي ، رلي، ڏاند گاڏي وغيره . ارڙهين صدي عيسوي ۾ يورپ وارن سائنسي ميدان ۾ اڳيان نڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيون مشينريو ن ٺاهيون جن هٿ جي هنر جي جاءِ والاري ۽ ڏسندي ڏسندي انساني ضرورت جو سامان هٿن مان نڪري ڪارخانن ۾ تيار ٿيڻ لڳو. مشينن تي تيار ٿيل سامان سيبتو ۽ وڏي انگ ۾ ٺهڻ شروع ٿيو. سمجھو ته هڪڙو ڪاريگر روزاني ٻه ميٽر ڪپڙو ٺاهي پيو ته ڪارخاني ۾ روزانو ٻه سو ميٽر ڪپڙو تيار ٿيو وڃي . صنعتي انقلاب اچڻ سان سياست ۾ ٻه مکيه نظريه پڻ عمل هيٺ آيا. هڪڙن جو خيال آهي ته ملڪيت حڪومت جي هجي ۽ عوام نوڪري ڪري. ٻين جو خيال آهي ته واپار ڪرڻ ، ڪارخانا هلائڻ رياست جو ڪم نه آهي اهو ملڪ  عوام جي حوالي هجي ۽ هر شهريءَ کي حق آهي ته جيترو ننڍو يا وڏو واپار ڪري يا ڪيترا به ڪارخانا لڳائي . دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ پويون نظريو لاڳو آهي ۽ انهن ملڪن جا شهري اتي پيداوار ۽ واپار تي ڇانيل آهن.  مٿي بيان ڪيل سرمائيداراڻي نظام هاڻي مارڪيٽ ايڪانامي يا بازاري معيشت پڻ سڏجي ٿو هن مان مراد ته رهيا کهيا سرڪاري ادارا به خانگي هٿن ۾ ڏئي ڇڏڻ آهي .                                                                                                                                                                             دنيا تي تمام وڏي پيداواري صلاحيت رکندڙ ملڪ هر وقت پنهنجي ملڪي پيداروار جي وڪري لاءِ سڄي دنيا ۾ مارڪيٽون ڳوليندا رهن ٿا ۽ هٿ ڪيل مارڪيٽن تائين سياسي مخالف ملڪن جي پهچڻ جي رستا روڪ پڻ ڪن ٿا، انهن طرفان اهڙن ملڪن جي سياسي پٺڀرائي پڻ وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي جيڪي سندن سامان جي وڪري لاءِ وڏي بازار جي حيثيت رکن ٿا. اڃان هيئن سمجهون ته ڪنهن ملڪ جي ڪمپني جا هڪ ملڪ ۾ 20 گراهڪ آهن ۽ ٻئي ملڪ ۾ 120 گراهڪ آهن ته اهڙي صورت ۾ پوئين ملڪ جي سياسي مفادن کي پهرين ملڪ کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي .

هن وقت دنيا تي ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن جيڪي پنهنجي خاص سڃاڻپ رکڻ لاءِ پنهنجا برانڊ عالمي طور رجسٽر ڪرائين ٿيون ته جيئن  انهن جهڙي شيءَ  ڪو ٻيو ٺاهي نه سگھي ۽ ايئن اهي پنهنجي ٺاهيل شيءَ اڪيلي سر دنيا جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن ٿا. هن کانسواءِ ڪجهه اهڙيون به ڪمپنيون  ٿين جيڪي پنهنجي سامان جي وڪري لاءِ پنهنجي ڪمپني جا دوڪان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کولين ٿا. انهي سان شيءَ ٺهڻ کان وٺي آخري گراهڪ تائين پهچندي  پورو نفعو ڪمپني کڻندي رهي ٿي اهڙين ڪمپنين ۾ ڪپڙا ۽ بوٽ ٺاهيندڙ ڪمپنيون خاص ذڪر لائق آهن . اهي ڪمپنيون پنهنجي پيداوار جي عوام کي  ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مختلف ذريعن سان اشتهار هلائينديون رهن ٿيون ۽ موسم جي تبديل ٿيڻ تي بچيل سامان جي وڪري لاءِ رعايتي سيل پڻ لڳائن ٿيون اهڙي سيل لاءِ ڏنل اشتهارن ۾ ظاهر ڪيل رعايت پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان وڃي ٿو ته ڇا اهي شيون واقعي ايتري بچت ڏيندڙ آهن ؟ مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي سنڌي ماڻهن جي معيشت ڦلهورجي ٿي ته سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ سياسي جماعت طرفان رڳو نوڪرين جي سوچ پيدا ڪرڻ ، مڊل ڪلاس سياسي اڳواڻن ۽ جماعتن طرفان وڏيري کي تمام گھڻو نندڻ جو اهو شهرن ۾ اچي پنهنجو پيداواري ڪردار  ادا ڪرڻ کان  بنهه پري بيٺو آهي. سنڌي هندو جيڪو ابن ڏاڏن کان سنڌ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي هن وقت ڀتاخوري ، اغوا ۽ ڦر لٽ واري ماحول ڪري هيسيل آهي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهو اڄ به پوکي راهي ۽ مال متاع چارڻ تائين  محدود آهن.   هر هفتي مختلف شهرن ۾ لڳندڙ مال پڙي ئي هن وقت خالص سنڌي بازار آهي باقي ته هر جاءِ تي گراهڪ واري حيثيت رکن ٿا . بازار جي اهميت ۽ فائدن کان وانجھيل اسان ماڻهن ۾ اڃان ايتري به سجاڳي نه آئي آهي ته رڳو پنهنجي گراهڪي واري حيثيت سان خريداري وارو منهن مٽيون تڏهن به شهرن مان ملندڙ ڌمڪيون پاڻ مرادو مري سگھن ٿيون. سنڌي ماڻهن کي مهمان نواز ۽ قوم پرست سڏي کين موڳو ڪري رکڻ ئي مقصد آهي. مقصد هي ته ڪٿي ڌاري آبادڪاري سان وهنوار ڪرڻ کان پاسيرا نه ٿين. حقيقت ۾ قوم پرستي ته هر جاءِ ملي ٿي ڀلا ڪراچي بندر تي لٿل سامان سان ڀريل ڪنٽينر ملڪ جي اولهندي سرحد ٽپي کلن ٿا ۽ لڪ چوري سان واپس اچي گراهڪن تائين پهچائيندڙ هڪ ئي ٻولي وارا نه آهن؟ ملڪي ڪارخانيدار ۽ اتي ٺهندڙ سامان جون ايجنسيون ۽ هول سيل يا ڪمپني شاپس وارا ساڳئي برادري وارا نه آهن؟ پر خير سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته ڇا اسان سنڌي ماڻهو ايتري منافعي واريون شيون خريدي رهيا آهيون جنهن جو ثبوت رعايتي سيل واري قيمت آهي جنهن ۾ نه رڳو بوٽ ۽ ڪپڙا پر زرعي دوائن،  انساني استعمال جي دوائن ۽ چوپائي مال لاءِ اتر کان ايندڙ دوائن تي ٿيندڙ ڪمايون به وات خشڪ ڪريو ڇڏين.