اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزير رانا ثناءُالله عمران خان جي مارشل لا واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مارشل لا لڳائيندڙن بطور ادارو اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته اهي آئين جي تابع رهندا ۽ ملڪ آئيني ۽ جمهوري رستي تي هلندو ، عمران سان ڳالهيون نه پيون ٿين، هي هٿيارن سان ايندا ته فورس وٽ به هٿيار هجڻ گهرجن، هن عمران خان کي آڇ ڪندي چيو ته اچو پاڪستان خاطر سياسي جماعتن سان گڏ ويهو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته عمران خان ملڪ کي آئيني ۽ جمهوري رستي تان هٽائڻ چاهي ٿو، عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ تباهي جي رستي تي وڃي، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ڪا به سياسي پارٽي اتحادي حڪومت سوڌو ان کي قبول نه ڪندي، جيڪڏهن مارشل لا لڳو ته اهو نه صرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي غلطي هوندي پر اها ان جي سازش هوندي، مارشل لا لڳائيندڙن آئين جي تابع رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عمران خان جيڪا مارشل لا لڳڻ ۽ ان جي آجيان ڪئي آهي اهو قابل مذمت عمل آهي، هن چيو ته 6 نومبر تائين مارچ بظاهر گوجرانوالا ۾ ئي رهندو، گهرو وزارت کي معلوم ٿيو آهي ته بندوقون ۽ ماڻهو پوري طرح سان هنن کان گڏ نه ٿي سگهيا آهن، بندوقون ۽ ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪجهه وقت گهربل آهي، جنهن ڪري لانگ مارچ کي اسلام آباد آڻڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي، خيبر پختونخوا، پنجاب جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز پوليس کي خبردار ڪيان ٿو ته هٿيار گڏ ڪرڻ، رياست مٿان حملي جي تياري تي وفاقي فورسز کي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو آئيني حق آهي، هن چيو ته وزيراعظم جون هدايتون آهن ته هر اهو دستو ان کي روڪڻ لاءِ مقرر هوندو جن کي آنسو گيس ۽ رٻڙ جون گوليون ڏنيون وينديون، اها اتحادي حڪومت جي پاليسي آهي، پر فيصل واوڊا چيو ته خون ئي خون، لاش ئي لاش ۽ جنازا ئي جنازا نڪرندا، کيس پارٽي مان ڪڍيو ويو، اهڙي پريس ڪانفرنس عمران خان جي هدايت تي حڪومت کي ڊيڄارڻ ۽ مطالبا مڃرائڻ لاءِ هئي. هن چيو ته گهرو وزير طور چوان ٿو ته جيڪڏهن هي هٿياربند ٿي آيا ته اها ئي فورس جيڪا آنسوگيس، رٻڙ جي گولين سان هوندي اها پنهنجي، رياست، شهر جي حفاظت لاءِ ان کي هٿيار جاري ڪرڻ گهرجن، ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو نقصان ئي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته امن امان کي برقرار رکڻ ۽ ماڻهن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، پي ٽي آءِ وارا هٿياربند جٿن سان اسلام آباد تي ڪاهه ڪري رهيا آهن، ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي اسلام آباد ۾ گهڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. رانا ثناءُالله چيو ته عمران خان سان ڪنهن به سطح تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي، اگر ان سان ڳالهيون ٿي رهيون هجن ها ته ڇا عمران خان اهڙيون تقريرون ڪري ها، عمران خان کي هاڻ به گهرجي ته فسادي ايجنڊا ڇڏي ۽ سياسي جماعتن ۾ ويهي، ڇو ته پاڪستان کي هن وقت اتفاق جي ضرورت آهي. ۽ پنهنجي بدتهذيبي تي معافي وٺي ان جي نتيجي ۾ جيڪو به سياسي حل نڪري ان تحت اڳتي وڌيو وڃي ڇو ته پاڪستان کي هن وقت اتفاق جي ضرورت آهي، هن چيو ته  عمران خان وٽ گهٽيا زبان استعمال ڪرڻ ۽ گارگند ڪڍڻ کانسواءِ ٻيو ڪم ناهي عمران خان هڪ هنڌ تي تقرير ڪندي چوي ٿو ته چوڪيدار صحيح ڪم نه ڪري رهيو آهي، ان جي پگهار بند ڪئي وڃي ۽ 10 منٽن کان پوءِ ان چوڪيدار جي پيرن ۾ اچي پوي ٿو ۽ چوي ٿو ته خدا جي واسطي چوڪيدار صاحب اسان جي ڳالهه ٻڌي وٺو، اهو عمران خان جو حال آهي، عمران خان ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، کيس عام چونڊن ۾ معلوم ٿي ويندو، هوڏانهن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي گارين، خون خرابي جي ڌمڪين جي دٻاءُ ۾ ڪو به نه ايندو، هي چاهي ٿو ته فوج ۽ ماڻهو آئين سان گڏ نه بيهن، اليڪشن ڪميشن به آئين سان گڏ نه بيهي ۽ هن جي چورين ۽ ڪرپشن سان گڏ بيهن ته ائين نه ٿيندو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان هڪ ٻي به خطرناڪ ڳالهه ڪئي آهي ته اگر مارشل لا لڳڻي  آهي ته لڳائي وڃي، اهو بيان واضح ڪري ٿو ته عمران خان جو مقصد چونڊون ناهن، عمران خان جو مقصد ملڪ ۾ خون خرابو، انتشار آهي، مريم اورنگزيب چيو ته  نواز ليگ عمران خان جي ڌرڻي سان منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي، 2014ع ۾ به نواز شريف جي قيادت ۾ 126 ڏينهن کان پوءِ هن کي گهر پهچايو هو، هاڻي به اسلام آباد اچڻ کان اڳ هن جو بسترو گول ٿيندو، مارشل لا جا نعرا هڻائڻ تي عمران خان جي نيت ۽ مقصد واضح ٿيو آهي، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي کيس شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته 2014ع  جي ڌرڻي دوران هو امپائر جي آڱر جو انتظار ڪندي 126 ڏينهن تائين ڌرڻو هڻي گهر هليو ويو، ان وقت به ان جي هٿ ۾ ڪجهه نه آيو، هاڻي به نه ايندو، چونڊون وقت تي ٿينديون. هن چيو ته عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي، بزدل شخص خوني انقلاب جا نعرا هڻندو آهي، عمران خان ملڪ ۾ جمهوريت، امن ۽ ملڪ جي ترقي نه ٿو چاهي.