ماحولياتي مسئلن بابت ڪي صلاحون

0
111
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

 تيزيءَ سان بدلجندڙ موسم، ٻيلن جي باهه ۽ شهرن جو شور اسان کي بيمار بڻائي رهيا آهن. اهو پکين کي پڻ نقصان پهچائي رهيو آهي. صرف يورپ ۾ هر سال لکين ماڻهو دل جي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جو حل ڇا آهي؟

 گڏيل قومن جي تازي شايع ٿيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهرن ۾ شور اسان جي صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام موجب بارسلونا ۽ قاهره کان نيويارڪ تائين هر هنڌ ٽريفڪ، تعميراتي سائيٽن ۽ ٻين ذريعن کان مسلسل شور سبب سڄي دنيا ۾ ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر، ذيابيطس، دل جي بيمارين ۽ ذهني بيمارين جو خطرو وڌي ويو آهي.

                 رڳو يورپ ۾، 480,000 ماڻهو دل جي بيمارين کان متاثر ٿين ٿا ۽ هر سال تقريبن 12,000 وقت کان اڳ موت جو شڪار ٿين ٿا.

 جانورن جي دنيا ۾، پکي آواز جي آلودگي سبب سڀ کان وڏي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. پکين جهڙوڪ زيبرا فنچ، اسپرو ۽ ٽِٽس پنهنجن ساٿين سان ڳالهائڻ لاءِ ڳائي رهيا آهن يا بلند آواز ٺاهي رهيا آهن. تنهن هوندي به، ان جي ڪري ڪيترائي ڀيرا پکين ۾ غلط فهمي پيدا ٿئي ٿي. ان ڪري نر پکيءَ لاءِ مادي پکيءَ کي ڳولڻ مشڪل ٿي پوي ٿو.

رپورٽ جي ليکڪن موجب شهرن ۾ وڌيڪ وڻ ۽ ٻيلا پوکڻ سان شور جي آلودگي گهٽ ٿي سگهي ٿي. ان سان شور به گهٽ ٿيندو ۽ آبهوا به بهتر ٿيندي. مثال طور، آواز کي گهٽائڻ واري ديوار جي پويان قطار ۾ وڻ پوکڻ سان شور جي سطح کي 12 ڊيسيبل تائين گهٽائي سگهجي ٿو.

سائيڪلن جي استعمال کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪارن جي استعمال کي گهٽائڻ سان ٽرئفڪ شور کي به گهٽائي سگهجي ٿو. شهرن ۾ گرين زونز ٺاهڻ سان برقي گاڏين جي استعمال جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ هوا جي معيار کي بهتر ٿيندو.

لڏپلاڻ ڪندڙ پکي هاڻي سياري ۾ ڏکڻ طرف نه اڏامي رهيا آهن ۽ ٻوٽا وقت کان اڳ ميوا پيدا ڪري رهيا آهن. ان سان گڏ، پکين کي وقت کان اڳ پنهنجن ٻچن لاءِ آکيرو ٺاهي رهيا آهن جڏهن ته انهن وٽ ايتري قدر جيت به نه آهن جو پنهنجي ٻچن کي پيٽ ڀري کارائي سگھن.

موسمياتي تبديليءَ نه رڳو عالمي سراسري گرمي پد ۾ اضافو ڪيو آهي، پر هزارين سالن کان قائم زندگي جي چڪر کي به نقصان پهچايو آهي. جابلو علائقن کان وٺي ساحلي علائقن، ٻيلن ۽ گھاس جي ميدانن تائين، ڪا به جاءِ انهن تبديلين کان بيزار ناهي. وڻن ۽ ٻوٽن کان وٺي انسان ۽ پکي ان تبديليءَ کان متاثر ٿي رهيا آهن.

جنهن رفتار سان زمين گرم ٿي رهي آهي، ان رفتار سان جانور ۽ ٻوٽا به ان رفتار سان نه ٿا هلي سگهن. ان ڪري خطرو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ته زمين ۽ سمنڊ تي موجود سمورا ماحولياتي نظام ڊهي پون. ان جي ڪري انسانن کي غير متوقع حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

موسمياتي تبديلي جي رفتار کي سست ڪرڻ لاءِ، اسان کي لازمي طور تي ۽ تيزيءَ سان اخراج کي گھٽائڻو پوندو. محقق چون ٿا ته زندگي جي چڪر ۾ تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ، انفرادي نسلن کي بچائڻو پوندو. ماحولياتي نظام کي بحال ڪرڻو پوندو. انهي سان گڏ، هڪ جهنگلي جيوت ڪوريڊور ٺاهڻو پوندو. ڌرتيءَ تي موجود مختلف نسلن لاءِ ۽ انهن کي قدرتي ماحول ۾ رهڻ دوران نئين حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي.

ٻيلن ۾ باهه موسم جي لحاظ کان هڪ قدرتي رجحان آهي. جڏهن ته اونهاري جي موسم، سخت گرمي ۽ خشڪيءَ جي وڌندڙ عرصي جي ڪري ٻيلن ۾ وڏي باهه لڳي رهي آهي. ساڳئي وقت، باهه لڳڻ جو امڪان پڻ وڌي رهيو آهي.

گذريل سال، باهه ڪيليفورنيا ۽ سائبيريا کان ترڪي ۽ آسٽريليا تائين ٻيلن کي تباهه ڪيو. باهه لڳڻ سبب ڀرپاسي وارن شهرن جي هوا جو معيار مڪمل طور تي خراب ٿي ويو. ڪيترن ڏينهن تائين ماڻهن گهرن مان نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. گرين هائوس گيسون وڏي مقدار ۾ خارج ڪيون ويون.

ٻيلن جي باهه پڻ پاڻي جي آلودگي، آبي زندگي جي نقصان ۽ حياتياتي تنوع کي نقصان رسائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. گڏيل قومن جي رپورٽ جي ليکڪن موجب، ڪجهه احتياطي تدبيرون جهنگ جي باهه ۽ ان جي نقصان کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون. پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ بهتر تعاون، سيٽلائيٽ جي ذريعي نگراني، روشني جي اڳڪٿي، بهتر اڳڪٿي ڪرڻ وارو نظام ۽ فائر فائٽنگ صلاحيتون هڪ ڊگهو رستو وٺي سگهن ٿيون.

ماهر باھه وسائڻ وارا روايتي طريقا اختيار ڪرڻ جي به صلاح ڏين ٿا. ٻيلن ۾ ننڍن ٻوڙڻ وغيره جي ٻارڻ تي ضابطو آڻڻ سان ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه کي گهٽائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ننڍيون باهيون ئي وڏين باهين جو سبب بڻجن ٿيون ۽ ٻيلن جا ٻيلا تباهه ٿيڻ جوسبب بنجن ٿيون. ڪجهه ماحولياتي نظامن ۾ باهه جا به فائدا هوندا، جيئن ڪجهه گل ۽ ٻوٽا تڏهن ئي وڌندا آهن جڏهن انهن جا ٻج باھه سان گرم ٿين ٿا.  تڏهن به اڪثر ڪري باهن سان وڻن توڙي ماحول کي نقصان ئي رسي ٿو.