ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي پاران علانيل “سنڌون تو ۾ اسان جو“ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جون تياريون تيز ٿي ويو آهن، ان حوالي سان شهر جي بوائز ھاءِ اسڪول ون ۾ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، شاگردن سنڌي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي اسڪول جي استادن 5 ڊسمبر ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملھائڻ جو عزم ڪيو.