لڳي ٿو ته چونڊون روڪڻ لاءِ ٽڪساٽ استعمال ڪيا پيا وڃن: چيف جسٽس

0
88
پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طوراليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿي رهيو هو: چيف جسٽس
پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طوراليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿي رهيو هو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ گم ڪيل ماڻهن ۽ جبري گمشدگين  خلاف  ڪيس جي ٻڌڻي لائيو نشر، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ  ٻڌڻي هلائي رهي آهي، جسٽس محمفد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي بئنچ ۾ شامل آهن، اعتزاز احسن سميت  ڪيترن ئي ماڻهن طرفان جبري گمشدگين خلاف  درخواستون داخل ڪيون ويون آهن

چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو ته چونڊون روڪڻ لاءِ ٽڪساٽ استعمال ڪيا پيا وڃن، ادارن کي پنهنجي حد ۾ رهڻ گهرجي، پارليامينٽ کي قانونسازيءَ جو حڪم نه ٿا ڏئي  سگهون، قانون بڻجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ  پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ پڙهي وٺو، اسان سمجهيو ته مسنگ پرسنز  جو مسئلو اهم آهي ته ڪيس جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

چيف جسٽس سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کي قانون سازي حو حڪم ڏئي سگهي ٿي؟اساسن سمجهون ٿا ته هر اداري کي پنهنجي حد ۾ رهڻ گهرجي، درخواستگذار خوشدل خان ملڪ چيو ته عدالت حڪومت کي جبري گم ڪيل ماڻهن  بابت قانونسازي جو حڪم ڏئي

 جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جبري گمشدگين بابت ڪميشن ته ٺهيل آهي، چيف جسٽس قاضي فئز عيسيٰ سوال ڪيو ته ڪهڙي ڪميشن ٺهيل آهي؟ درخواست گذار جي وڪيل چيو ته جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ مسنگ پرسنز ڪميشن جوڙي وئي،ان ڪميشن  هيل تائين ڪجهه نه ڪيو

 عدالت حڪومت کان پڇي 50 سالن کان گم ڪيل ماڻهن  بابت قانونسازي ڇو نه ڪئي وئي؟

چيف جاٽس چيو ته عدالت پارليمينٽ کي ڪيئن حڪم ڏئي سگهي ٿي ته فلاڻي قانونسازي ڪريو؟آئين جي ڪهڙي شق  عدالت کي اجاسزت ڏئي ٿي ته پارليامينٽ کي قانونسازي جو حڪم ڏئي؟

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ پي ڪي 91 رٽرننگ آفيسر جي معطلي بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو