لکي غلام شاهه (رپورٽ: فهيم منگي) لکي غلام شاهه ۾ پسند پرڻي تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ سروس تي ڪم ڪندڙ پورهيت قتل، لاڙڪاڻي واسي مائٽن نوجوان کي قتل ڪيو، خبر موجب سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٿاڻي ڀرسان سروس تي ڪم ڪندڙ پورھيت نوجوان عبدالسعيد کهڙو کي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي لکي غلام شاهه پوليس پهچي مقتول پورهيت جو لاش لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول پورهيت جي ڀاءُ عبدالهادي کهڙو صحافين کي ٻڌايو ته سندن هڪ ڀاءُ عبدالستار کهڙو 5 سال اڳ پنهنجي ئي برادري جي ناري روبينا کهڙو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. هن ٻڌايو ته سندس ڀاڄائي روبينا کهڙو واپس پيءُ ماءُ ڏانهن وڃڻ بدران ننڍي ڀاءُ عبدالسعيد سان نڪاح ڪري ڇڏيو، جنهن تي ناري جا وارث ڪاوڙيل هئا ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيندا هئا، هن ٻڌايو ته دشمني سبب اسان لاڙڪاڻي مان لڏي جوڻيجا محلو لکي غلام شاهه ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پورهيو ڪري پيٽ پاليندا آهيون، هن چيو ته ڀاءُ ڪار واش سروس تي ڪم ڪندو هو، هٿياربند حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد لاڙڪاڻو طرف فرار ٿي ويا. هوڏانهن مقتول پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ وارث عورتون ماتم ڪنديون رهيون، مقتول نوجوان کي 3 ٻار آھن، جڏھن ته ٻيو ڀيرو بيواهه ٿيل ناري روبينا کهڙو کي 4 ٻار آھن، هڪ ٻار اڳوڻي پريمي مڙس مان ۽ 3 ٻار مقتول عبدالسعيد مان ٻڌايا وڃن ٿا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.