لڄ وڪڻڻ کان انڪار تي مڙس گهران ڪڍي ڇڏيو: شهدادپور ۾ عورت انصاف لاءِ دربدر

0
262
لڄ وڪڻڻ کان انڪار تي

شھدادپور ۾ عورت مڙس خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته ڪُڌي ڪم کان انڪار تي تشدد ڪري گهران نيڪالي ڏني وئي آهي

شھيد پير پاڙي جي رهواسڻ مسمات گل بانو مڙس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سنگين الزام هنيا

عورت دانهيو ته ايڇ ايس ٽي رحيم بخش ميمڻ طرفان طلاق ملڻ بعد ولي محمد زرداري زبردستي نڪاح بعد ڪُڌي ڪم لاءَ دٻاءُ وڌو، ڀٽ شاھ تي گهمائڻ بهاني هڪ گهر ۾ وٺي وڃي فحاشي لاءِ 10 ڄڻن حوالي ڪيو جتان وجھ وٺي گهر پهتيس

عورت گل بانو الزام هنيو ته مڙس رات جي وقت گهر اچي بيرحماڻو تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، بعد ۾ کيس نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اسپتال نيو ويو

عورت موجب اڳوڻو مڙس رحيم بخش ميمڻ ۽ هاڻوڪو مڙس ولي محمد زرداري ٻئي هم صلاح آهن، جن مون کي قتل ڪرڻ سازش ڪئي آهي