ليول پليئنگ فيلڊ اها آهي ته نواز شريف اسلام آباد ۽ مان لاهور جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهيان: شهباز

0
164

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ اها آهي ته نوازشريف اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي، مان انصاف لاءِ لاهورجي عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان

 اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ منهنجي دور ۾ شگر ملز کي سبسڊي نه ڏني وئي، مون سنڌ جي ڀيٽ ۾ ڪمند جو اگهه وڌيڪ رکيو، ان وقت مون تي دٻاءُ وڌو ويو پر مان آبادگارن جو نقصان ٿيڻ نه ڏنو

 ان کان اڳ شهباز شريف رمضان شگر مل ريفرنس ۾ احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو، شهباز شريف روسٽرم تي اچي چيو ته مون کي پهريون ڀيرو صاف پاڻي جي ڪيس ۾ گهرايو ويو ۽ آشيانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، توهان جي عدالت آشيانه ڪيس ۾ انصاف ڏيندي بري ڪيو

 نيب مون کي ٻيهر گندا نالا ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، مون کي چيو ويو ته تون پٽ جي شگر مل آڏو گندو نالو تعمير ڪرايو، اهو گندو نالو هڪ ايم پي اي تعمير ڪرايو هو، منهنجي دور ۾ صاف پاڻي جا هزارين پراجيڪٽ لڳايا ويا

عدالت شهباز شريف کي وڃڻ جي اجازت ڏيندي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي