ميهڙ (ن پ ا) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لياقت علي جتوئي کي ميهڙ ۾ وڏو سياسي لوڏو، 2018ع ۾ ٽڪيٽ نه ملڻ تي پ پ پ کان ناراض ٿي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي لياقت علي جتوئي جو ساٿ ڏيندڙ طفيل احمد مهيسر ۽ اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت اقبال مهيسر پنهنجي ساٿين ۽ ڀائرن سميت لياقت علي جتوئي جو ساٿ ۽ تحريڪ انصاف کي ڇڏي ٻيهر پ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان پ پ پ ۽ مهيسر ڀائرن جي ذريعن موجب پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري سان سردار طفيل احمد مهيسر ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت اقبال مهيسر سان پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ طفيل احمد مهيسر، اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت اقبال مهيسر ڪراچي ۾ ترسيل آهن، جڏهن ته سردار طفيل احمد مهيسر ۽ ڊاڪٽر طلعت اقبال مهيسر پ پ پ جي ميهڙ مان چونڊيل ايم پي اي ۽ زڪوات وعشر جي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان پ پ پ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري سردار غلام دستگير ڳورڙ، صوبائي وزير فياض علي ٻٽ جي ڀاءُ امتياز علي پاشا ٻٽ ۽ ٻين اڳواڻن کي بلاول ڀٽو زرداري کين ڪراچي گهرائي ورتو آهي. ذريعي موجب مهيسر ڀائر سردار طفيل احمد مهيسر ۽ ڊاڪٽر طلعت اقبال مهيسر ٻيهر پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندا.