ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين پاران  بنا اجازت بدليون ڪرڻ وارو معاملو، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري کانپوءِ ڊائريڪٽر ون به گھر ڀيڙو، ڊائريڪٽر 2 خلاف به انڪوائري شروع، پ پ ايم پي اي جو ڀاءُ ۽ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جو ڊائريڪٽر 3 سياسي اثرسبب  عهدو بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب نگران حڪومت دوران اليڪشن ڪميشن جي پابندي باوجود سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين  پاران ٽائون آفيسرن، ڪي ايم سي، ٽي ايم سيز ۽ ضلعي ڪائونسلن ۾ ملازمن جون ڌڙا ڌڙ بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ واري معاملي جي چيف سيڪريٽري پاران شروع ڪرايل انڪوائري  دوران بورڊ جي سيڪريٽري محبوب سيال کانپوءِ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي 18هين گريڊ جي ڊائريڪٽر ون زين العابدين کي به معطل ڪري مڪاني کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ اهڙو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري محبوب سيال کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو ، ان حوالي سان ڄاڻ ملي آهي ته ڊائريڪٽر ٽو امجد پٺاڻ کي به انڪوائري ۾ شامل ڪري عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر 3 ۽  پ پ ايم پي اي امداد پتافي جي ڀاءُ امجد پتافي کي انڪوائري کان آجو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس عهدي تي به برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ذريعن ٻڌايو ته مڪاني کاتي جي اختيارين اليڪشن ڪميشن جي پابندي واري مُدي دوران ٿيل بدلين ۽ مقررين وارا آرڊر انڪوائري مڪمل ٿيڻ بعد ڪينسل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آهي.