لوڌران ۾ مبينا پوليس مقابلو، 5 ڏوهاري مارجي ويا

0
182

ڪراچي(م ڊ) لوڌران ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 5 ڏوهاري مارجي ويا، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊ پي او لوڌران جو چوڻ آهي ته ڦورن جي فائرنگ سان ايس ايڇ او ۽ ٻن اهلڪارن سوڌو 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل جا لاش ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جن جي سڃاڻپ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي.