ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سيڪنڊ هينڊ مرچنٽس ايسوسيئيشن پاران لنڊي جي ڪپڙن ۽   جوتن تي حڪومت طرفان 300 سيڪڙو ٽيڪس مڙهڻ خلاف ڪالهه پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي لنڊا بازار  جي واپارين امير محمد خان،  گل زئي خان، اطهر الله ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت 230 رپئي کان مٿي هجڻ سبب  ڪاروبار اڳ ۾ ئي سخت متاثر ٿي رهيو آهي مٿان حڪومت 300 سيڪڙو ٽيڪس مڙهي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته معاشي طور پريشان غريب عوام سستن ڪپڙن ۽ جوتن جي خريداري لاءِ لنڊا بازار جو رخ ڪندوآهي. سرڪار  لنڊابازار  جي شين تي 300 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي،هنن مطالبو ڪيو ته لاڳو ڪيل ٽيڪس واپس ورتو وڃي  ٻي صورت ۾ ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو.