لنڊن شھر سان منھنجو ھڪ الڳ ئي رشتو رھيو آھي. اھي ٿيمس جا ڪنارا جن ڪنارن تي ويھي آئون لکندو ھئس مون کي اڄ پنھنجي پراڻي ڊائري ملي جيئن ئي ان کي کوليم ته لنڊن پھچي ويس. ڊائري ان ڏينھن جي ھئي جنھن ڏينھن آئون لنڊن صرف ٿيمس سان ڳالھيون ڪرڻ ويو ھئس ۽ ٻيو الاھي ته ڪھڙي ارادي سان ويو ھئس.
زندگي ۾ ھميشه ھڪ اھڙو ته وقت ايندو آ جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي پاڻ کي وڃائي وساري ويھندو آ ڪنھن به شيءِ جي تڙپ ناھي رھندي، زندھ زندگي محسوس ناھي ٿيندي ۽ انسان بلڪل موڳو ٿي ويندو آ ۽ صرف ساھ ئي کڻندو آ جيڪو ان جي وس ۾ ناھي. کاڌو به بغير چکڻ جي بي سوادو کائڻ شروع ڪندو آ. حقيقتن کان گھڻو پري ڀڄڻ شروع ڪندو آ ۽ ھر ايندڙ منفي يا مثبت سوچ کي به نظرانداز ڪندو آ. رخو بدذھن ٿي ويندو آ. پنھنجي پاڻ کي به منھن ڏئي ناھي سگھندو.
۽ وري اھڙو به وقت ايندو جو انسان سڀ ڪجھه صحيح ڪرڻ وسارڻ ۽ دل جو بار ھلڪو ڪرڻ جا پيو طريقا ڳوليندو آ ۽ در در ڀٽڪندو آ.
لنڊن شھر جي خاموش شام ھئي آئون پنھنجي ڊائري ۽ بيئر کڻي ٿيمس جي ڪناري روانو ٿيو ھئس، ھن ڀيري آئون لنڊن مئن برج بجاءِ وڃي بئنڪ سائيڊ ڪينن اسٽريٽ ريلوي برج وٽ ويٺو ھئس، ھرڪو ان پل تان گذرندڙ ريل جي ھارون جي آواز سان گڏ برج جي لڏڻ جو آواز ٻڌي پي سگھيو. پر مون لاءِ ٿيمس سميت سڄو وايومنڊل سانت ۾ ھو. ويجھن ڏينھن ۾ تمام دردناڪ ڏينھن مان گذريو ھئس ۽ لنڊن مونکي ڪنھن ڪوس گھر کان گھٽ نه پي لڳو. جڏھن به گُرڪن / سوئيس ري بلنڊنگ کي ڏسندو ھوئس ته ھميشه مونکي اھا اتساھيندي ھئي ۽ دل خوش ٿيندي ويندي ھئي. ان پل جي ھيٺان ڏسندي سامھون صرف ان جي چوٽي نظر اچي رھي ھئي ۽ ساڄي پاسي کان دي شارڊ کي منڍي گھمائيندي ڏسي پي سگھجو. بيئر جا ڪجھه ڍڪ پيئڻ کان پوءِ ڊائري کڻي مون انگريزي ۾ لکڻ شروع ڪيو جيڪو مون ٿيمس کي پڙھايو ھو پر ان جون ڪجھه سٽون ياد آھن.
“O beautiful girl, you couldn’t beautify me, I have become awful.”
جيڪو به لکيم ٿي اھو ڦاڙي ٿيمس کي ٻڌرايم پي شايد ان وقت منھنجو علاج اھو ئي ھو. وري ائين ئي مواڳئپ ۾ لکندو ويس؛
“I couldn’t heal
let’s make a deal
we are disparate
I am desperate
you have vanished
and I am banished
yet nothing has finished
still, it makes me feel
your presence and Virginia reel
let’s make a deal
it was my fate
come, remake it perfect
give me a chance
I’ll make you dance
remember France
I won’t run again
come back again
have an Indian meal
and Virginia reel
I could not heal
please come back
I kneel
I kneel”
ھينئر پڙھان پيو ۽ سوچان پيو ته ڇا پي لکيم پر ھي اھو وقت ھو جنھن وقت آئون پھريون ڀيرو ايترو رنو ھئس جو پنھنجا ڳوڙھا ٿيمس کي پي پياريم، ڇو جو ٿيمس ئي ھو جو مون کي ۽ منھنجي انگريزي ۽ احساسن کي سمجھي پي سگھيو.
”ڪنھن مونکان پڇو ته ڇا تون اڃا ان تي لکندو آھين ۽ مون جواب ڏنو ھو ھا“
پر ان وقت ٿورڙو احساس ٿيو ھئم ته آئون ھيترا سال ڇا تي ۽ ڇا لکي رھيو ھئس.
”مونکي ائين لڳي رھيو آھي ته آئون جيڪو به ڪجھه تنھنجي نالي تي لکي رھيو آھيان اھو سڀ ڪوڙ ۽ دوکو آھي، آئون توسان تنھنجي سونھن سان تنھنجي پيار سان ناانصافي ڪري رھيو آھيان. جڏھن به توتي لکڻ شروع ڪيو آھي ڪجھه آھي جيڪو تنھنجي سونھن، سوچ ۽ خيالن جي وچ ۾ اچي ويندو آ. اھو آھي منھنجي اڪيلائپ، خودغرضي، پڇتاءُ ۽ ڏک“. (فيس بوڪ تان ورتل)