مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ چوپائي مال ۾ پکڙيل لمپي وائرس تي ڪنٽرول نه ٿي سگھيو، مال مرڻ جو  سلسلو جاري، سوين جانور مري ويا، ڀاڳيا سخت پريشان، ان ڏس ۾ ضلعي جي ڪچي واري علائقي سميت شھرن مٽياري، نيوسعيدآباد، اڏيرولال ،هالا ،کنڊو ،الهڏنو ساند ،ڀٽ شاهه ۽ ٻين مختلف علائقن جي رھواسي مالوند ماڻھن احسان جمالي، عطا محمد لغاري، علي حسن کوسو، ابراهيم ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته  چوپائي مال ۾ پکڙيل لمپي وائرس سبب ڍور مري رهيا آهن، سرڪار اسان جي ڪابه مدد ناهي ڪئي،  وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جانورن جو علاج ڪرايو وڃي،  ٻئي طرف ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ مٽياري ٻڌايو ته فلحال وئڪسين موجود نه آهي، سنڌ حڪومت وئڪسين ڏيندي ته جانورن جو علاج ڪنداسين.