سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر کي هڪ ڀيرو ٻيهر موڪل تي روانو ڪيو ويو، بيگم نصرت ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي لطيف يونيورسٽي جي وي سي جي اضافي چارج ڏني وئي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جي ترجمان چيو آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوٽو وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي کي 26 جون 2024 کان 7 جولاءِ 2024 تائين ايڪس پاڪستان موڪل ۽ 30 سيپٽمبر 2024 تي پنهنجي مدت جي پڄاڻي تائين موڪل جي منظوري ملي آهي، اها منظوري سنڌ جي وڏي وزير پاران پروفيسر ڊاڪٽر ايوپوٽو جي ذاتي سببن جي بنياد تي ڏني وئي آهي، پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي موڪل جي عرصي دوران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي روزاني معاملن کي پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه نانگراج وائيس چانسلر بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر سنڀاليندي، ڊاڪٽر تھمينا نانگراج 28 جون 2024 کان 30 سيپٽمبر 2024 تائين پنهنجي فرضن سان گڏ اهي ذميواريون پڻ سنڀاليندي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي رجسٽرار فرمان علي منگي، پروفيسر ڊاڪٽر تهمينا نانگراج کي وقتي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ ڀليڪار ڪندي آجيان ڪئي آهي.