لطيفي گنج مان … مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ …

0
33
لطيفي گنج مان ... مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ ...

افراتفري جي ور چڙھيل پنھنجو هي سنڌي سماج جيئن پوءِ تيئن ڪروڌ ۾ وڪوڙجندو پيو وڃي، جتي  رشتن برادرين ۽ ذات پات ۾ بنا تفريق جي هڪ عجيب اٻاڻڪائي نظرجي ٿي، ايئن ئي ھڪ فرد ٻي فرد جي عتاب ھيٺ گذاريندي ملي ٿو، مطلب تہ پيءُ پٽ يا ڀاءُ ڀيڻ جي وڇوٽيءَ کان ويندي ھر برادري ڪنھن ٻي برادري سان، برادري جو برادري سان، سئوٽ. چاچي. مامي، مقصد ته ھڪ گهر ۾ رھندڙ فرد به ھڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ ملن ٿا ۽ وري الميو اھو به چئبو جو سڀني وٽ رشتن ۽ روين جون شڪايتون به اڻکٽ ٿيون نظر اچن. اھڙو ڪروڌ جنھن جو سبب نسلن تائين واڌ ويجهه ڪندي بگاڙ جو سبب بڻجندو رھي ٿو. اٻھرائي ۽ انا سوچ ۽ سھپ جا سڀ گس سوڙھا ڪري ڇڏيا آھن، پنھنجائپ ۽ پاڙي جون لذتون ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪيون آهن، هاڻ ته گهٽين ۾ راند ڪندڙ ٻارڙن يا رستي جي لنگهن جهڙن معاملن پٺيان به خونن جي راند کيڏي وڃي ٿي ۽ عداوتن جا اڻکٽ سلسلا اڀري پون ٿا، جن کي ٻنجو ڏيڻ بجاءِ طول ۽ وڌيڪ طول ڏنو وڃي ٿو. چوڏسا اھڙي ماحول کان احساس رکندڙ حساس ماڻھوءَ جو جياپو قيد خاني جي کوليءَ ۾ بند ڪنھن قيدي جيان ئي ٿئي ٿو.پاڻ سڀ ان ڀيانڪ وھڪري ۾ وھندا رھون ٿا پر اک اُلٽي ڌارڻ واري سوچ ھرگز ڪانه ٿي اُڀري، جتان سماجي انيائن جي رستا روڪ ڪريون ۽ رشتن ۾ پيدا ٿيل وڇوٽي واري اڃايل روحن جي آبياري ڪريون ۽ وڃايل وقت کي ويڙھي سيڙھي لطيفي رستن کي اپنائي حالتن پٽاندر ھلڻ ڪريون ته ھوند وقت ناھي ويو، اھڙي سماجي وارتائن کي لطيفي ڏاھپ ھن طرح محسوس ڪري ٿي…

پاڻيءَ مَٿي جهُوپِڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ،

ساھان اوڏو سُپِرين، لوچيو تان نه لَھَنِ،

دَمُ نہ سُڃاڻَنِ، دانھون ڪَنِ مُٺَنِ جيئن.

پاڻي مٿان (ڪنڌيءَ) تي جهوپڙي اڏيل سادا ماڻھو اُڃارا رھن ٿا (تيئن) ساھ (جياپي) جا دلبر، پرين ڀر ۾ ھوندي به سُڌِ ڪونه ٿا رکن، سا پرک ڪونھين، (رڳو) بيزاريءَ وچان روڄ راڙي ۾ پورا آھن.وقت ۽ حالتن کان بي خبر ھيءَ قوم جنھن جي ڀيٽ (مورک) سادو، اناڙي، ناسمجهه، ڪم عقل، بيوقوف جھڙن لفظن سان ٿئي ٿي. جيڪا آسودي ھجڻ باوجود به غلامي واري زندگي گذاري ٿي، جيڪا ڌارين حملا آورن جي چاپلوسيءَ ۾ پنھنجن (ديس واسين) جا قتلام،  يا سردار پير ۽ وڏيري جي خوشامد يا ڏاڍ جي ٻچڪر پٺيان سرخرو ٿيندي پنھنجا مار (ڌاڙيل) بڻيا وتن ۽ علائقائي معيشت ڌارين حوالي ڪري وري پاڻ ماني ڳڀي جي تاخير پٺيان جيجل ماءُ ڀيڻ وني، ڀاڄائيءَ کي بي دردي سان قتل ڪريو ڇڏين يا وري غيرت ڄاڻائي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪن، عداوت جا سڀ حربا پنھنجن تائين، بي طاقت ۽ بي سھارا بڻائڻ ۾ تاخير ئي ڪونه ڪن. وري عام اڳيان روئڻا پنھنجائپ نه رھي آھي وارا ورجائيندا رھن، اھڙن ڪردارن جي ڀيٽ ڪندي لطيف سائين لفظ سُپرين = عزيز رشتيدار، ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ مطلب ته سڀ قرابت جا رشتا جنھن لفظ ۾ ماپجي وڃن، ڪم آڻي ٿو. جن رشتن جي حرمت واجب ھجي، تن سڀني تعلقن کي تياڳي حوس ۽ لالچ جي اوليت پويان انا جي انڌ تي پنھنجي ئي رشتن جون وسندڙ وستيون ويران ڪري ڇڏين! ۽ طاقتور جي حڪم تي لتر وات ڪري جيءُ ڪرڻ ڄاڻن ۽ پنھنجن سادن سودن کي هراسان ڪري روپوش ڪري ڇڏين، جيڪي ڪتي ۽ گڏھ يا ڪنھن ٻار جي باغ مان پِتي پٽڻ پويان سوين زندگيون ڳڙڪايو ڇڏين، تنھن ديس جو الميو اڻ ڄاڻائي، بيوقوفي يا سادگي تي روئڻ لطيف سميت ھر باشعور ڪري ٿو. تنھن ديس ۾ ٿاڦيل متڀيد، ۽ انا جي جاڳرتا لطيف سولي نموني سمجهائي ٿو پر افسوس جو پاڻ ان فلسفي کي تنبوري جي رُون رُون ۽ آلاپن  ۾ قيد ڪري مست الست ٿيا وتون!!

توڻي جو ھي بيت سر سسئي جو ناھي پر گنج ۾ آيل ھجڻ ڪري ھت ترتيب ڏجي ٿي،

سَسُئِي ڪِينَ سَمُجهِيو، اوري آرِيءَ ساڻُ،

ڪَري پيڳُ پُنھُونءَ سِين، پاڌارِيائِن پاڻُ،

ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ  ٻَروچَنِ سين.

سسئي پنھونءَ سان حال اورڻ وقت نه ڄاڻي سگهي ته ڪو پنھونءَ سان پيچ اڙائي پاڻ کي پڌرو ڪري وجهنديس، پر ھن نادان ٻانڀڻ (سسئي) ته ٻروچ جي عشق ۾ پنھنجو ھوش به وڃائي ڇڏيو!

امير غريب يعني متڀيد، ذات پات واري اونچ نيچ، نسل پرستي، انائن پٺيان سفر ڪرڻ واري وارتا جنھن پنھنجي ديس ۾ تباھي ۽ بربادي جو ٻج عام تائين پھچائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانھي ڇڏي، خون، قتل، ڪارو ڪاري، قبضاگيري پنھنجي جاءِ تي پر محبت ۽ پيار جھڙا نازڪ جذبا به نسلن جو کاڄ بڻجيو وڃن. جيڪي نوجوان ڇوڪرا يا ڇوڪريون عشق جي انڌ تي تڪڙا قدم ته کڻي پيار پرڻا ته ڪري ٿا وجهن پر جن جا نتيجا ھميشا ڀوڳنائن جي ور چڙھي وڃن ٿا. ڪي مارجيو وڃن ته ڪي ڪورٽن ۾ طلاقن پٺيان ڊوڙندا وتن ته ڪي رت جي رشتن کان ھميشه الڳ ڪيو وڃن ته ڪي وري ملڪيتن جي ورڇ ۾ تاحيات عداوتن جو شڪار ٿيو وڃن، جيئن لطيف مثال ڏيندي سسئي جي وارتائن جو بيان ڪري ٿو، جا اصل حقيقت متڀيد جي پيداوار آھي، جتي انساني جبلت جو راڄ هوندو آهي، جنھن جو انت شعوري نموني ختم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حل ڪونه ٿو نظر اچي، جنھن جي تعليم عام تائين ٿئي پر افسوس جي اسان وٽ تعليمي سرشتو به ان ئي متڀيد پويان جڙيل ملي ٿو، جنھن متڀيد جي خاتمي جو لطيف سسئي ۽ سھڻي جي روپ ۾ جابجا ڪندو ٿو رھي.