لاھور: 19 ڪروڙ جا اثاثا، نيب راڻا ثناءَ الله خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
305
عمران نيازي پاران ميمبرن

لاھور: قومي احتساب بيور (نيب) جي لاهور ڊويزن نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڊي جي نيب لاهور ميجر رٽائرڊ شهزاد سليم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي حوالي سان جاچ جي منظوي ڏني وئي آهي.

نيب عملدارن موجب ن ليگ اڳواڻ جي 19 ڪروڙ روپين جي اثاثن جي جاچ لاءِ نيب چيئرمين کي ريفرنس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.