لاھور: ون ويلنگ ۽ تيز رفتاري سبب 3 نوجوان فوت

0
349

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاھور ۾ مختلف حادثن جي دوران 3 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا، پوليس ذريعن جو چوڻ آھي تھ لاھور جي علائقي مسلم ٽائون ۾ ون ويلنگ ڪندي 20 ورھين جو نوجوان فوت ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آھي تھ ون ويلنگ جو ٻيو واقعو لاھور جي علائقي نشتر ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي ھڪ ٻيو نوجوان ون ويلنگ جي شوق ۾ زندگي وڃائي ويٺو، ڪوٽ عبدالمالڪ ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان تيز رفتاري جي ڪري فوت ٿي ويو، پوليس موجب قانوني ڪارروائي بعد ٽنھي نوجوانن جي لاشن کي وارثن حوالي ڪيوويو.