لاکا روڊ (رپورٽ: جي ايم زرگر) لاکاروڊ ڀرسان ناري سان ڇيڙ ڇاڙ تان منهن ماري بعد جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، شهر ۾ جزوي هڙتال، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، خبر موجب ڳوٺ سانوڻ ڀٽي ۾ ڏاهري ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿ پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب علي شير پٽ مبارڪ ڀٽي اتل ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي محرابپور اسپتال متقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ڀٽي برادري جا ماڻهو لاش کڻائي ٿاڻي تي پهتا، جڏهن ته ڀٽي برادري جي اپيل تي لاکاروڊ شهر ۾ جزوي هڙتال پڻ ڪئي وئي، وارثن مقتول جو لاش ايس ايس پي نوشهروفيروز آفيس آڏو رکي ڌرڻو پڻ هنيو، ڀٽي برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي چيو ته جمال الدين ڏاهري جي زمين اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي، سندس پٽ بشير ڏاهري ڳوٺ جي هڪ نياڻي کي تنگ ڪندو هو، جنهن تان ڪجھه ڏينھن اڳ منهن ماري پڻ ٿي ھئي، جنهنجو علائقي جي نيڪ مرد وٽ فيصلو رکيل هو، هنن چيو ته طئي ٿيو هو ته فيصلي ٿيڻ تائين هو زمين تي نه ايندو، ڪالهه هو زمين تي همراهه وٺي آيو ۽ جهيڙو ڪري فائرنگ ڪڪئي، جنهن ۾ اسان جو همراهه قتل ٿي ويو، هوڏانهن مقتول جي پٽ ديدار ڀٽي جي فرياد تي 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ بشير ڏاهري، رضا محمد عرف راضو ڏاهري، عليم ڏاهري، احمد ڏاهري ۽ 4 نامعلومن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.