لاڙڪاڻي ۾ ڇتن ڪتن 18 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

0
169

لاڙڪاڻو: شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، وڌيڪ 18 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 3 ورهين جي شڪيلا، 12ورهين جو رياض علي ،55 ورهين جو ارشاد ،22 ورهين جي اعجاز سميت ٻين کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيوزخمين کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اي آر وي سينٽر تي ويڪسين ڪري گهر اماڻي ڇڏيو آهي.