لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سان سلهاڙيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڪاليج ۽ هاسٽل ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف سينٽرل ڪئنٽين کان يونيورسٽي جي مُک گيٽ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو جتي شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن سعيد احمد لنجار، عامر چانڊيو، عامر مگسي، سجاد پنهور، اُسامه، منصف کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاليج انتظاميه طرفان مختلف مدن ۾ فيس اوڳاڙي ٿي پر ان جي ڀيٽ ۾ ڪاڙهي واري گرميءَ ۾ به ڪاليج جي هاسٽل ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي جنهن ڪري اسين گرم پاڻي پيئڻ تي مجبور آهيون، سخت گرميءَ ۾ لائبريري ۾ ڪتاب موجود ناهن ۽ نه ئي ايئرڪنڊيشنن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ڪاليج جو ھاسٽلون اونھاري ۾ ڪڏهن به بند ناھن ٿينديون پر هن ڀيري اونهاري ۾ هاسٽل کي تالا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان ڏورانهن علائقن سان واسطو رکندڙ شاگردن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويندو. هنن چيو ته ڪاليج انتظاميه طرفان شاگردن کان 5 سالن جي ڊاڪٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ دوران هر سال ٽرانسپورٽ جي مد ۾ 5 هزار روپيه اوڳاڙي ڪئي ويندي پر ان جي باوجود آخري سال جي شاگردن کي آل پاڪستان ٽوئر نه ڏنو ويو آهي جيڪو شاگردن جي پراسپيڪٽس ۾ پڻ لکيل آهي جڏهن ته موٽر خراب ٿيڻ توڙي بجلي وولٽيج گهٽجڻ روز جو معمول بڻيل آهن جيڪي مسئلا حل نه ٿيڻ جي ڪري اسان جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. هنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ هاسٽل ۾ گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ شاگردن جي آل پاڪستان ٽوئر کي جلد کان جلد بحال ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪري هاسٽل بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.