لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني جي رهواسين بااثرن ۽ رحمت پور جي مبينا ناجائزين خلاف ايس ايس پي چوڪ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏئي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ليلان لانگاهه، ماروي، رشيده، رابعه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ڇنڇر جي رات عامر بليدي، شهزاد بليدي، بابل مڪراني ۽ صفدر مڪراني سان گڏجي گهر ۾ گهڙي نياڻي ريشمان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي گهر مان سونا زيور ۽ موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان کڻي ويا، هنن چيو ته رحمت پور پوليس جوابدار عامر بليدي کي گرفتار ڪرڻ بعد رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو، جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.