لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ الهه آباد پاڙي جي رهواسي اعجاز علي لهر پنهنجي پيرسن والد منظور علي، امڙ صغران خاتون، ڀاءُ پرويز لهر سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ڏيتي ليتي تان وزير علي مغيري، سندس ڀاء نثار مغيري حملو ڪري گارگند ڪندي لٺين سان سخت تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو آهي، الهه آباد پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رشوت طلب ڪئي، تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.