لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سڀا طرفان پريه ڪماريءَ جي آزاديءَ لاءِ جمعي ڏينهن جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن کان پوءِ مارڪيٽ پوليس سنڌ سڀا جي 6 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عبدالجبار جتوئي، سرتاج احمد چانڊيو، سارنگ علي لاشاري، ڪاشف علي سمون ۽ وحيد علي مهيسر کي گرفتار ڪرڻ بعد سندن مٿان مارڪيٽ ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ سيد عبدالله شاهه جي فرياد تي اهڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن چوڪ بند ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ سواري جي رستا روڪ ڪري اسان جي پاڪ فوج ۽ ٻين سرڪاري ادارن خلاف نعريبازي ڪري گارگند ڪري رهيا هئا جو اسان جي اچڻ تي هنن پوليس جي جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪري هاٿاپائي ڪئي. هوڏانهن مارڪيٽ پوليس ڪيس ۾ نامزد 6 جوابدارن وحيد علي مهيسر، سرتاج چانڊيو، عبدالجبار جتوئي، سارنگ علي، شاهه رخ سولنگي ۽ ڪاشف علي سمون کي رمانڊ لاءِ ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت سمورن جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته عدالت گرفتار 6 ئي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي سنڌ سڀا طرفان انعام سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف توڙي سندن جي آزاديءَ لاءِ شهر جي جناح باغ چوڪ تي لڳايل ڪئمپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪندي گهر ڪئي وئي ته گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيس داخل ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.