لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ قتل ٿي ويل پيش امام ۽ يونين ڪائونسل ڦل جي وائيس چيئرمين حافظ احمد علي جتوئي جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارث عورتن پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي مقتول جي گهر واري حنا خاتون پنهنجي پيرسن سس حياتان، نناڻن عائشه، نناڻ دعا، چاچي ارباب خاتون پنهنجي معصوم ٻارن فضا، حليمه، صوبيه، عيان، محمد نبي، محمد سميع جتوئي سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 13 جون جي ڏينهن منهنجو مڙس احمد علي جتوئي عيد جو سودو خريد ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي آيل هو جتي هو پنهنجي استاد سان ملاقات ڪرڻ لاءِ گجڻ پور چوڪ تي قائم سلطانيه مسجد آيل ويو جتان مغرب جي نماز پڙهڻ بعد مسجد مان ٻاهر نڪرڻ دوران هٿياربندن رحمت الله، محمد يونس، محراب، عبدالحميد جتوئي، اسلم جتوئي، مسلم جتوئي ۽ ٻين کيس گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن واقعي جي ايف آءِ آر مون حد جي حيدري ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر 13 ڏينهن گذرڻ باوجود هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي ويتر مڙس جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار رحمت الله، محمد يونس، محراب، عبدالحميد جتوئي، اسلم جتوئي، مسلم پنهنجي مائٽن عبدالرحمان، حميد، وهاب، خيرمحمد جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي ڳوٺ حمزو جتوئي ۾ پنهنجي گهرن ڀرسان مورچا ٺاهي مختلف وقتن تي اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکيڙي اسان عورتن سميت اسان جي معصوم ٻارڙن کي حراسان ڪري رهيا آهن جن گذريل رات به هوائي فائرنگ ڪئي پر پوليس مڙس جي قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري جنهن ڪري اسان کي جوابدار ڌر مان جاني توڙي مالي نقصان جو خدشو آهي. اسان جي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مڙس جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن سان گڏ سندن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.