لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد آريجه باء پاس تي ڏوھ جي ارداي سان بيٺل ڏهارين سان پوليس جو مبينا مقابلو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار ۽ ڏوهاري زخمي ٿي پيا جن کي پوليس کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو زخمي اهلڪار ضمير ڪلھوڙو ۽ ڏوهاري جي سڃاڻپ شعيب چانڊيو طور ٿي آهي جن کي ٽراما سينٽر ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي ان حوالي سان ڊي ايس پي سول لائين ظهور احمد سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وليد پوليس جو آريجه باء پاس تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ اهلڪار ضمير ڪلهوڙو معمولي زخمي ٿي پيو آهي زخمي ڏوهاري جي سڃاڻپ شعيب چانڊيو طور ٿي آهي جنهن وٽان پسٽل ۽ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي جنهن جو ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪرڻ سان گڏ پوليس ٻين ڏوهارين جي پويان ويل آهي جلد کين گرفتار ڪيو ويندو