لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي  پراڻي بس اسٽان وٽان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران شهر جي نشتر روڊ واري علائقي جو رهواسي سيلون تي ڪم ڪندڙ 19 ورهين جو نوجوان اوشاق علي ابڙو ٻڏي ويو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس ۽ ريسڪيو عملي پهچي ٽوٻن جي مدد سان ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ريسڪيو ٽيم رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته رائيس ڪئنال ۾ پاڻي وڌي وڃڻ جي ڪري نوجوان جي ڳولا ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن پر ان جي باوجود ڳولا جو عمل جاري آهي. ٻئي پاسي علائقي واسين جو چوڻ هو ته نوجوان پنهنجي دوستن سان گڏجي سخت گرميءَ کان بچڻ لاءِ شهر جي پراڻي بس اسٽان ڀرسان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجي رهيو هو جتي رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ دوران هو ٻڏي ويو جنهن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو. ٻئي پاسي نوجوان جي وارثن انتظاميه کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين نوجوان هٿ نه اچي سگهيو