لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

0
127
لاڙڪاڻي ۾ نوجوان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي يوسف محلي مان 24ورهين جي نوجوان رياض چانڊيو جو تشدد ٿيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

مبينا قتل ٿيل نوجوان جي والد قاسم چانڊيو جو چوڻ آهي ته پُٽ سڄي رات گهر کان ٻاهرهو، سندس جسم تي تشدد ۽ باهه سان ساڙڻ جا نشان آهن، واقعي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي