لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ميوزڪ شعبي طرفان ميوزڪ فيسٽيول ٽيون ۽ آخري پروگرام پنھنجي پڄاڻي تي پهتو فنڪارن غلام شبير سمون، اسلم لاڙڪ، فدا حسين کوکر، سيد صفت شاهه، سليم رضا ڪنڀر، سچل منگي، راجا نديم کھاوڙ، نغمه ناز، صدام حسين ابڙو، سرمد اياز، غلام حيدر ابڙو، الطاف حسين سمون، ھادي بخش عباسي، عامر علي سمون، پترس ڪمار ۽ سر وکيري پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. پروگرام ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي عھديدارن عبدالنبي ساريو، شمس پريمي، برڪت گاد، امجد گل سومرو آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو. آخر م ميوزڪ فيسٽيول جي ڪاميابيءَ تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو طرفان عھديدارن، سازيندن ۽ فنڪارن کي ميڊل پيش ڪيا ويا ۽ سماجي ورڪر وسيم جتوئي ۽ مختار احمد ساريو کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پارايا ويا. پروگرام جي ڪاروائي مشتاق تنيو ۽ سھڻي ناز ھلائي. ان کان اڳ پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي خاص مهمان ناليواري فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ لاڙڪاڻو جي باني اي حميد  ڀٽو  چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته لاڙڪاڻو جي موسيقي اتي ئي بيٺي آهي جيڪو 20 سال اڳ ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي ۽ اڳتي وڌڻ بجاءِ 40 سال پوئتي آهي. منھنجي خواھش ھئي ته آءُ لاڙڪاڻي جي ميوزڪ کي اڳتي ڏسان پر ائين نه ٿيو. آءُ خاص لاڙڪاڻو جي فنڪارن کي چوندس ته ميوزڪ ۾ نئين تخليق پيدا ڪريو. ناليواري اديب رضوان گل ڳالھائيندي چيو ته موسيقي انسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، جڏھن علڻ فقير آمريڪا ۾ ڳائڻ ويو ته اتي انگريز جھومن پيا پر انھن کي ٻولي سمجھ ۾ نه پئي اچي، اِھو ريڌم ۽ موسيقي سمجھ ۾ اچي پئي جنھن تي ھو جھومن پيا، ھن چيو ته اسان فخر سان چونداسين ته ميڊم عابده پروين جو تعلق لاڙڪاڻو سان سنڌ سان ۽ پاڪستان سان آھي، ھي ايشيا جي سجاڻپ آھي. آءُ جس ٿو ڏيان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي عھديدارن کي جن ايڏو شاندار پروگرام ڪيو آهي.