لاڙڪاڻي ۾ مرد ۽ جوهي ۾ عورت مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
206
لاڙڪاڻي ۾ مرد ۽ جوهي ۾ عورت مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
لاڙڪاڻي ۾ مرد ۽ جوهي ۾ عورت مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو/جوهي(ن پ ا)  لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد دايا چوڪ واري علائقي ۾ 48 ورهين جي 7 ٻارن جي پورهيت پيءُ اصغر علي چنجڻي غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي گهر اندر پکي ۾ رسو ٻڌي مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

لاش لٽڪندي ڏسي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، پوليس پهچي لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو

پوليس جو چوڻ آهي ته پورهيت اصغر علي چنجڻي غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

ٻئي پاسي جوھي ڀرسانـ ڳوٺ غلام حسين گاڏھي جي رهواسڻ شادي شده عورت رضيه زال علي گوهر گاڏھي گھرو پريشانين سبب ڦاھو کائي  خودڪشي ڪري ڇڏي آهي