لاڙڪاڻي ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل چاچي ۽ ڀائٽيي جي وارثن جو احتجاج

0
249

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد پاڙي جا رهواسي مبينا کنڀي گم ڪيل چانڊڪا اسپتال جي نائب قاصد ۽ سندس ڀائيٽي جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاران جناح باغ چوڪ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي غلام شبير کهاوڙ، ظهير احمد کهاوڙ، علي محمد کهاوڙ ۽ ٻين چيو ته گذريل سومر رات ڏينهن چانڊڪا اسپتال جي نائب قاصد ملازم عامر کهاوڙ ۽ سنڌ ڀائيٽي محمد صديق هفتو گذري ويو آهي پر هن وقت تائين پوليس ظاهر ناهي ڪيو. هنن الزام لڳايو ته مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس مان خدشو آهي ته پوليس سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين ھاف فراءِ يا فل فراءِ ڪندي جن جي حياتين کي خطرو آهي. اسين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي عمران قريشي سميت مارڪيٽ ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون اسان جا نوجوان گم ڪري ظاهر نٿا ڪن آخر اسين ڪنهن وٽ دانهن کڻي وڃون مجبور ٿي گذريل 6 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته ٻنهي نوجوان کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.هوڏانهن مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي گم ٿيل ٻنهي نوجوان جي گرفتار جي ڄاڻ ناهي نه ئي انهن مٿان اسان وٽ ڪو ڪيس يا اين سي داخل آهي.