لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن وقت سر امتحان نه ٿيڻ ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي انتظاميه خلاف ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي شاگردن چيو ته سال 17، 18، 19، 20 وارين بيچز جا هن وقت تائين امتحان نه ورتا ويا آهن، جنهن سبب سمورن شاگردن ۾ پريشاني جي لهر ڇانيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور امتحاني شيڊول جاري ڪري شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.