لاڙڪاڻي ۾ قديمي پپل جي وڻ جي ٻيهر ڪٽائي شروع

0
147
لاڙڪاڻي ۾ قديمي پپل جي وڻ جي ٻيهر ڪٽائي شروع
لاڙڪاڻي ۾ قديمي پپل جي وڻ جي ٻيهر ڪٽائي شروع

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي بندر روڊ تي لڳل 100سالا قديمي پپل جي وڻ جي ٻيهر ڪٽائي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري قديمي وڻ جي هيٺين حصي کي سخت نقصان پهتو آهي، اهڙي معاملي کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سياسي سماجي ڌرين ۾ سخت تاءُ پکيڙيل آهي، جن مذمت ڪندي انتظاميا کان ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته جمعي ڏينهن مارڪيٽ بند هجڻ ڪري انتظاميا پپل جي قديمي وڻ جي ڪٽائي شروع ڪرائي ڇڏي ۽ ڪجهه ماڻهن قديمي وڻ جي ڪٽائي ڪندي ڏسي ورتو جنهن کان پوءِ اڻڄاتل ماڻهو وڻ جي ڪٽائي ڇڏي فرار ٿي ويا، واضع رهي ته ڪجھه مهينا اڳ قديمي پپل جي ڪٽائي واري عمل خلاف لاڙڪاڻي شهر جي سياسي سماجي ڌرين طرفان مظاهرا ڪري احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي هئي، جنهن کان پوءِ انتظاميا طرفان پپل جي وڻ جي ڪٽائي وارو فيصلو واپس ورتو ويو هو