لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ علي گل بگٽي ۾ مهينو اڳ جوابدارن علي دوست بگٽي ۽ ٻين طرفان ڳوٺاڻي زبير بگٽي جي تيار ٿيل فصل سميت گڏهه کي زندهه باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ اهڙي واقعي جو ڪيس فريادي زبير بگٽي جي فرياد تي حد جي تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو. جڏهن ته عدالت لاڙڪاڻي واقعي ۾ ملوث 7 جوابدارن جي 29 مئي تي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي هئي جنهن کان پوءِ عدالت جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي . ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ان حوالي سان فريادي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.