لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي الهه آباد پاڙي جي رھواسي عورت شھزادي شيخ پنهنجي نڻان سعيده خاتون سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته مڙس دلبر شيخ گاڏيون خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ڪندو آهي، هنن چيو ته مڙس مٿان ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، گلشن معمار، لاڙڪاڻي جي الهه آباد ۽ سيوھڻ ٿاڻي تي 4 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 27 سيپٽمبر تي ڪراچي پوليس دلبر شيخ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي،نوٽيس وٺي مڙس کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.