لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف يونٽ چانڊڪا اسپتال جي ملازمن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي اسٽيٽ آفيسر نديم لنڊ جي مبينا ناجائزين خلاف ڪالهه چوٿين ڏينهن به چانڊڪا اسپتال جي چئني بلاڪن جي او پي ڊيز جو ٻن ڪلاڪن تائين ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي سٽي او پي ڊي ٻاهريان ڌرڻو هنيو ويو جتي ملازمن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن نظير احمد جتوئي، امداد حسين سومرو، شاھي خان جاگيراڻي، ذوالفقار علي سهتو، ضمير حسين سانگي، منور علي منگي، احمد علي سولنگي، قائم الدين چنو، ذوالفقار علي کوسو، محمد اسلم ڍڪڻ، ممتاز علي چنو، سيد غلام مصطفي شاھه، سيد جاويد علي شاھه، عبدالطيف ڀٽي، سڪندر علي چانڊيو، نثار علي لاڙڪ، انس ميراڻي، سارنگ علي مشوري، عبدالقادر ڪٽبر، ذاڪر حسين بليدي ۽ ٻين چيو ته اسان کي ڪواٽر الاٽمينٽ ٿيل آھن، يونيورسٽي انتظاميه بلاجواز اسان جي ڪواٽرن تي پوليس جي اٽالن سان اچي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي بجلي جون تارون ۽ گئس ميٽر لاهي کڻي وئي آهي ۽ پيرا ميڊيڪل جي ملازمن کي حراسان ڪيو ويو. اسان انتظاميه کي واضع چئون ٿا ته اسٽيٽ آفيسر نديم لنڊ کي ھٽائي ۽ پيرا ميڊيڪل جي ملازمن جون لاٿل بجلي جون تارون ۽ گئس جو ميٽر جلد واپس ڪرايا وڃن. هوڏانهن ملازمن جي هڙتال جي ڪري لاڙڪاڻي شهر ۽ پري پري وارن علائقن مان علاج لاءِ آيل مريضن کي پنهنجي وارثن سان گڏ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو جيڪي ڪيترائي ڪلاڪ او پي ڊيز ٻاهريان انتظار ڪرڻ بعد بغير علاج جي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.