لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڪاڙهي واري گرمي باوجود سيپڪو طرفان 12 کان 14 ڪلاڪ ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ معمول بڻيل آهي، لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ داخل مريض توڙي سندن جا وارث سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسپتالن ۾ هيوي جنريٽرن مان بجلي بااثر ماڻهن ۽ ويجهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن طرفان چوري به معمول بڻيل آهي، ذريعن موجب لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ لڳل اڪثر ائيرڪنڊيشن ناڪاره آهن، شيد زيد وومين، شيخ زيد چلڊرين ۽ چانڊڪا اسپتال جي جنريٽرن مان بجلي مان مريضن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ بجاءِ ويجهن علائقن، خانگي پئٽرول پمپس ۽ رهائشگاهن کي چوري ڪري ڏني پئي وڃي، شيخ وومين اسپتال ۾ داخل عورت مريض ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ داخل ٻار مريض سخت متاثر ٿي رهيا آهن. مريضن جي وارثن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ سان گڏ بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽرن کي هلائي داخل مريضن جي زندگين کي بچائي وارثن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.