لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل شخص جو لاش ھٿ، ايڌي وارن دفنائي ڇڏيو

0
156
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل شخص جو لاش ھٿ آيو آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ايڌي رضاڪارن کيس دفنائي ڇڏيو. گذريل رات دير سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد مان 28 ورهين جي نوجوان اڻڄاتل شخص جو لاش مليو.

علائقي واسين علي گوهر آباد پوليس کي ڏنو، پوليس لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش ايدهي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو.

ايڌي رضاڪارن پاران وارثن جي ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي لاش دودادئي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. ٻئي طرف علي گوهر آباد پوليس جو چوڻ آھي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي آھي، فوتي نشو واپرائيندڙ لڳي رهيو هو جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.